English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ جديد زرعي مشينريءَ جي نمائش جو پروگرام منعقد
60 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملت ٽريڪٽرز پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو، محمد عثمان ۽ ٻيا شريڪ
مورو (جاني جماڻي) نوشهروفيروز ۾ ملت ٽريڪٽرز پاران جديد زرعي مشينريءَ جي نمائش جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ مهمانِ خاص طور سنڌ-بلوچستان انچارج محمد عثمان، سروس انچارج سليم حماد، شوڪت پارٽس انچارج انوار اڪرم، لاهور هيڊ آفيس انچارج عدنان شفيق ۽ سنڌ انچارج گل زمان شرڪت ڪئي. سهيل احمد آرائين، محمد اڪرم آرائين، محمد اعجاز آرائين ۽ حنان آرائين پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته ملت ٽريڪٽر ڪمپنيءَ جي هيءَ نمائش زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. نمائش ۾ مختلف هارس پاور جا ننڍا ۽ وڏا ٽريڪٽر رکيا ويا ته جيئن هر سطح جو آبادگار پنهنجي ضرورت آهر چونڊ ڪري سگهي. ڪمپنيءَ جي نمائندن ٽريڪٽرن جي خصوصيتن، ٻارڻ جي بچت ۽ ڪارڪردگيءَ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال بابت آگاهي فراهم ڪئي. هارين نمائش کي ساراهيندي چيو ته اهڙن قدمن سان جديد زرعي اوزارن تائين پهچ ممڪن ٿيندي آهي جنهن سان پيداوار ۾ واڌ ايندي. هنن چيو ته حڪومت ۽ خانگي ادارا ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اهڙين سرگرمين کي هٿي ڏين ته جيئن زرعي شعبو وڌيڪ ترقي ڪري. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته جديد ٽريڪٽر وقت ۽ محنت ٻنهي جي بچت ڪن ٿا جنهن جو سڌو فائدو هاريءَ کي ملندو آهي. آخر ۾ ڪمپني اختيارين يقين ڏياريو ته هارين کي جديد سهولتن مان فائدو ڏيارڻ لاءِ اڳتي به اهڙين نمائشن جو انعقاد جاري رکيو ويندو.انهي موقعي تي صحافي ظفر پنهور صحافي جاني جماڻي صحافي عارف يوسفزئي شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ جديد زرعي مشينريءَ
0 تبصرے