درساڻو ڇنو ملير ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ هڪ مهيني کان بجلي بند

بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جي شديد کوٽ، روزيدار ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا

درساڻو ڇنو ملير ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ هڪ مهيني کان بجلي بند

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي درساڻو ڇنو سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ بجلي نه هجڻ سبب علائقي ۾ پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري روزيدارن ۽ نمازين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔علائقي واسين موجب تقريبن هڪ مهينو گذرڻ باوجود بجلي اڃا تائين بحال ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته رمضان المبارڪ به ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. شديد گرمي ۽ بجلي جي کوٽ سبب روزيدار سخت اذيت ۾ مبتلا آهن۔مقامي سماجي اڳواڻ سجاد جوکيو ۽ ٻين رهواسين جو چوڻ آهي ته بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جون موٽرون به نه نٿيون هلن جنهن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. رمضان المبارڪ ۾ سحري ۽افطاري جي وقت بجلي نه هجڻ سبب علائقي جي ماڻهن کي ٻيڻي تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي۔ علائقي وارن هن صورتحال تي سخت ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته رمضان المبارڪ جي تقدس کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي بجلي بحال ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن جو خاتمو ٿي سگهي۔ درسنہ ڇنہ ملير جي رهواسين ڪي اليڪٽرڪ، ڊپٽي ڪمشنر ملير، چونڊيل عوامي نمائندن ايم پي اي ۽ ايم اين اي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي هن مسئلي جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ بجلي جي فراهمي جلد کان جلد بحال ڪرائين۔