تڪليف عارضي، شاهڪار هميشه لاء

نادر علي جمالي

تڪليف عارضي، شاهڪار هميشه لاء

جان جِئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويل وِهَڻِ جي.
(شاهه شائين)
مشهور آرٽسٽ رنائر جنهن کي پينٽنگ جي دنيا جو بادشاهه فرينچ سڏيو ويندو آهي تنهن کي زندگي جي آخري سالن ۾ آرٿرائٽس “Arthritis” جي بيماري ٿي وئي هئي. اها بيماري جوڙن ۽ سَندن جي سُور جي بيماري هوندي آهي. پر پينٽ ڪرڻ رنائر جو جنون هوندو هو. هن ڪڏهن به پينٽ ڪرڻ کان نه لنوايو. هو هر روز ڪينواس وٽ وڃي بيهندو هو ۽ ڪانه ڪا پينٽنگ ٺاهيندو رهندو هو. پينٽنگ ٺاهيندي ٺاهيندي اڪثر ڪري هن جي هٿ جون آڱريون ڦِري وينديون هيون ۽ هٿ ۾ شديد سور ٿيندو هئس پر هو ڪڏهن به پينٽنگ ڪرڻ جي ڪم کي نه ڇڏيندو هو. هو هر روز پينٽنگ ڪندو هو. رنائر جو هڪ دوست هوندو هو مڪٽيسي جيڪو پڻ ان دور جو وڏو آرٽسٽ هو. مٽيسي اڪثر ڪري رنائر وٽ ايندو هو ۽ ڏسندو هو ته رنائر ڪهڙي طرح پينٽنگ ۾ مصروف آهي. هڪڙو اهڙو وقت به آيو جو رنائر اُٿي ۽ بيهي به نه سگهندو هو. هن کي ويل چيئر تي ويهاري ڪينواس جي قريب پهچايو ويندو هو ۽ هو ان تي ويٺي ويٺي پينٽ ڪندو رهندو هو. پر هن کي سڪون نه ايندو هو ۽ هو چوندو هو ته هن کي ويل چيئر تان اٿاريو وڃي ته جيئن هو اٿي بيهي چڱي طرح سان پينٽ ڪري سگهي. هڪ ڏينهن هو معمول موجب پينٽنگ ڪرڻ ۾ مصروف هو جو هن کي ايڏو ته شديد سُور پيو جو برش هن جي هٿن مان هيٺ ڪري پيو ۽ هو پاڻ به زمين جي مٿان وڃي ڪريو. مٽيسي اڳتي وڌي وڃي هن کي اٿاريو ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳس ته، ”ماسٽر، هاڻي بس ڪر. تون ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿو ؟ اڃا ڪيتريون پينٽنگس ٺاهيندي. يورپ جي سڀني عجائب گهرن ۾ تنهنجا مجسما لڳل آهن. تنهنجي پوڄا ٿي رهي آهي. تنهنجي نالي تي ماڻهو پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. ماڻهو تنهنجي تمام گهڻي ساراهه ڪري رهيا آهن. تون اڃا ٻيو ڇا ڪرڻ چاهين ٿو. هاڻي ته بس ڪر، سڪون حاصل ڪر. تون پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ڏئي رهيو آهين.“ جڏهن بار بار مٽيسي چوندو اٿس ته، ”تون پاڻ کي ايتري اذيت ڇو ڏئي رهيو آهين ؟“ تنهن تي رنائر کي به ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ هو چوندو اٿس ته، ”مٽيسي، ياد رکجانءِ جنهن تڪليف منجهان مان گذري رهيو آهيان. هي پينٽنگس ٺاهڻ جو پروسس. هي تڪليف عارضي آهي. پر ان تڪليف مان گذرڻ کان بعد جيڪو شاهڪار مان تخليق ڪندس، ان جي خوبصورتي هميشه لاءِ رهڻ واري هوندي.
دوستو! ياد رکو ته پنهنجي زندگي کي سنوارڻ جي لاءِ، پنهنجو ڪيريئر بنائڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ کي ڪاميابي جي اڳئين ڏاڪي تي پهچائڻ لاءِ، پنهنجي خوابن جي پورائي لاءِ، پنهنجي پيارن جي زندگي سنوارڻ لاءِ يقينن توهان هن وقت تڪليف مان گذري رهيا هوندؤ پر ياد رکو اها تڪليف عارضي اٿو اها تڪليف مستقل نه اٿو پر ان تڪليف مان گذرڻ کان پوءِ جيڪو شاهڪار توهان تخليق ڪندؤ، ان جي خوبصورتي توهان ۽ توهان جي پيارن جي سموري زندگي ۾ هميشه لاءِ رهندي.
ستين درجي تائين مان پنهنجي ڳوٺ ”ڦلجي وليج“ جي اسڪول ۾ پڙهيس. اسان جو ڳوٺ ٻن حصن يعني هيٺين ڦلجي ۽ مٿين ڦلجي ۾ ورهايل آهي. جڏهن ته انهن ٻنهي جي حد فاصل فقط وچ ۾ روڊ جي بارڊر لائين آهي. روڊ جي هيٺين پاسي کي هيٺين ڦلجي ۽ روڊ جي مٿين پاسي کي مٿين ڦلجي سڏيو ويندو آهي. اسان جا گهر هيٺين ڦلجي ۾ هوندا هئا. مٿين ڦلجي جي دڙن تي قائم مين پرائمري اسڪول هوندو هو. هي دڙا هميشه ڦلجي وليج جي ماڻهن کي ٻوڏ ۾ پناهه ڏيندا آهن. هي دڙا تمام گهڻو مٿانهين تي هئڻ ڪري ٻوڏ جو پاڻي هنن دڙن جي چوڌاري ته ڦري ويندو آهي پر دڙا محفوظ رهندا آهن. هاڻي ته هنن دڙن جي ويجهو ايم اين وي ڊرين به وهي ٿي. بهرحال پنهنجي اصل موضوع ڏي موٽي ٿا اچون. اسان جي پرائمري جا استاد تمام بهترين استاد هئڻ سان گڏوگڏ بهترين انسان به هوندا هئا، جيڪي هر شاگرد کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. اسان جي تنهن وقت جي پرائمري اسادن مان ڪي خالق حقيقي سان وڃي مليا آهن. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائين. جڏهن ته ڪي اڃا به حيات آهن. جيڪي حيات آهن ڌڻي در دعا آهي ته کين سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار ماڻين.
جڏهن اٺين جماعت ۾ گورنمنٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ بابي وارن داخلا وٺي ڏني ته تمام گهڻو خوش ٿياسين. اسان جي ڳوٺ مان تڏهن استاد علي نواز ڪنڀر جي ڊاٽسن، محمد جمن ابڙي جي ڊاٽسن، سيٺ گنهور مهراڻي جمالي جي ڊاٽسن، استاد عباس ڪنڀر جي ڊاٽسن ۽ ڪنڀرن جون ويگنون ڦلجي وليج کان چودڳي ۽ چؤدڳي کان دادو تائين هر روز اچ وڃ ڪنديون هيون. تڏهن موٽر سائيڪلون به ڳوٺ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن وٽ هونديون هيون. مان ميٽرڪ تائين ايڏو ڪو هوشيار يا ريگيولر شاگرد نه هئس. مونکي راندين جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. مان پنهنجي ڳوٺ جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ لٽل والي بال جي ٽيم جو ڪپتال هوندو هئس. گرمي هجي يا سردي سڄو ڏينهن اسان جي ڪُلهي تي يا بيٽ يا نيٽ هوندي هئي. تڏهن اسان جي راندين تي هزارن جي شرط به رکي ويندي هئي. ذهن به هئو ۽ ذهين به هئاسين پر اڃا تائين پڙهائي جي معاملي ۾ ڪا خاص رزلٽ نه هئي. دادو کان لاڙڪاڻي تائين بسون به هلنديون هيون جن جي بيهڻ جو اسٽاپ پراڻي بس اسٽاپ تي مامي اصغر ٻٻر جي مشهور هوٽل جي ڀرسان هوندو هو. ان جي پاسي ۾ هڪ مسافر خانو به هوندو هو جيڪو اڄ به وڏي شان سان قائم آهي. مامي اصغر ٻٻر هاڻي اها هوٽل بخت پنهور جي حوالي ڪري پاڻ دادو ڪورٽ ۽ واپڊا آفيس جي آمهون سامهون جتي پراڻو پنهور ڪوچز جو اسٽينڊ هوندو هو اتي هاڻي شاندار چانهه جي هوٽل هلائي رهيو آهي. تڏٿهن طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي استادن ۾ مرحوم سائين محمد سومر سولنگي ۽ سائين رفيق بلوچ صاحب وارن جو بهترين استادن ۾ شمار ٿيندو هو.
اسان ڪڏهن ڪڏهن ويگن يا ڊاٽسن نه ملڻ جي صورت ۾ چؤدڳي تائين پنڌ ايندا هئاسين يا ڪنهن ساڻ سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي ايندا هئاسين. پوءِ وري چؤدڳي کان دادو تائين ڪنهن بس، ڊاٽسن يا ويگن ۾ سوار ٿي ايندا هئاسين يا ڪي رحمدل ماڻهو اسان کي موٽر سائيڪل تي لفٽ ڏئي کنيون ايندا هئا. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتي سين.
ڊگري ڪاليج ۾ تمام بهترين استاد هوندا هئا. مون ڪاليج جي زماني ۾ محترم سائين پروفيسر سليم سولنگي صاحب جو نالو تمام گهڻو ٻڌو هو جن وٽ اڪثر ڪري شاگرد انگريزي گرامر جي ٽيوشن وٺڻ ويندا هئا. مان جڏهن سائين سليم صاحب کي ڏٺو ۽ سائين جا ڪلاس اٽينڊ ڪيم ته مان سائين مان تمام گهڻو متاثر ٿيس. تڏهن کان منهنجي زندگي ۾ هڪ انقلاب برپا ٿيو ۽ اهو انقلاب هئو ڪتابن جي ويجهو اچڻ ۽ پڙهائي ۾ دلچسپي پيدا ٿيڻ جو. سائين سليم صاحب کي نه فقط انگريزي پر هر هڪ موضوع تي مڪمل دسترس حاصل هوندي هئي. پاڻ وڏا نفسياتدان پڻ هئا. انٽرميڊئيٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ B.Com ۽ M.A Sociology جون ڊگريون به استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ورتيون سين.
پير الاهي بخش لا ڪاليج مان Law جي ڊگري به حاصل ڪيم. بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگري به حاصل ڪيم. ان دوران ڪيترائي لاها چاڙها پيش آيا جن مان مالڪ سائين جي مهرباني سان چڙهي پار ٿياسين.اسان ٻروچن ۾ ننڍڙي هوندي شادي جو رواج عام هوندو هو. منهنجي شادي به ننڍي عمر ۾ ڪرائي وئي جڏهن مان 19 سالن جي ڄمار جو مس هئس. تڏهن اسان ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئاسين. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته منهنجي شادي لاءِ بابي سائين بينڪ مان 75 هزار روپيه لون کنيو هيو. ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ اسان جا حالات ماليءَ طور تي ايڏا ڪي چڱا نه هئا. مان ڪڏهن ڪڏهن مزودري تي به ويندو هئس. 2000ع ۾ اسان پوءِ دادو شهر ۾ لڏي اچي ويٺاسين. منهنجا چاچا تمام گهڻا شفيق ۽ مهربان هوندا هئا. منهنجي پڙهائي ۾ گهڻو هٿ منهنجي وڏي چاچي ۽ ان جي وڏي فرزند جو ئي آهي. جڏهن دادو شهر ۾ آياسين ته مونکي رهڻ لاءِ پنهنجو گهر ته ڇا هڪ ڪمرو به نه هو. منهنجي وڏي چاچي جي پٽ جيڪو بينڪ ۾ مينيجر آهي جنهن کي اسان سڀ ادا غلام رضا ڪري سڏيندا آهيون ان پنهنجي گهر ۾ رهايو. مون وٽ ته شروعات ۾ ٽيوشن پڙهڻ جيترا پئسا به نه هوندا هئا. مون وٽ ايترا پئسا به نه هوندا هئا جو مان ڪي ڪتاب خريد ڪري سگهان. ابي امان جي دعائن، استادن جي دعائن ۽ سٺن دوستن جي ساٿ اڄ هن مڪام تي پهچايو آهي.
مون جڏهن پهريون ڪتاب ”دل شڪستو نه ٿي“ جو پهريون مضمون لکي ۽ ان جون ٽيهارو کن فوٽو ڪاپيون ڪرائي دادو جي مختلف اديبن، شاعرن ۽ تعليمدانن ڏي پڙهڻ لاءِ موڪليون ته انهن مان گهڻن اهيو چئي اهو مضمون واپس ڏياري موڪليو ته ”هن مضمون ۾ دم نه آهي ۽ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي توهان نه ٿا ڪري سگهيو.“ انهن مان چند اهڙا هئا جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي ته مان لکندو رهان منهنجو لکڻ وزنائتو آهي. منهنجي پهرين ڪتاب جي پروف ريڊنگ سائين محمد امين جمالي صاحب ڪئي جيڪي گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ HST استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سائين محمد امين جمالي، سائين ايڊووڪيٽ بلوچ صحبت علي لُنڊ، سائين اميد سنڌي، ڊاڪٽر ڪرم علي شاهه، ناز ڪاظمي ۽ منهنجي دوستن ۽ شاگردن منهنجي تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي ۽ منهنجو پهريون ڪتاب سنڌيڪا وارن ڇاپي مارڪيٽ ۾ آندو. مونکي پنهنجي پهرين ڪتاب جي ڇپجڻ تي ايتري ئي خوشي ٿي جيترو ڪنهن ماڻهو کي پهريون دفعو پيءَ بنجڻ تي ٿيندي آهي. تڏهن کان مان مسلسل لکندو رهيو آهيان. منهنجي ڪتاب ”دل شڪستو نه ٿي“ کان پوءِ منهنجا 7 ڪتاب ٻيا به مختلف موضوعن تي ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. مان هڪ ننڍڙو طالب، علم طفل مڪتب آهيان. منهنجي دلي خواهش آهي ته پنهنجي قوم جي نوجوانن لاءِ ڪو اهڙو ڪم ڪجي جيڪو انهن کي همت، حوصلو، جوش، جذبو ۽ اميد ڏيندو رهي. جيڪو انهن کي انهن جي مقصد کان هٽڻ نه ڏئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائن ٿا ته:
وَڌو ڪِيمَ وَڻاهُ! اُونچا ڏونگَرَ ! مَ ٿِيو،
ٽِمو مَ نيڻاوُ ! ته پيرُ نِهارِيان پِرينءَ جو.