باقراڻي: جيئي سنڌ جي خالق، اڌ بٽئي تحريڪ جي فاتح ۽ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي 56هين ورسي، بکوديرو ۾ جلسو منعقد

باقراڻي: جيئي سنڌ جي خالق، اڌ بٽئي تحريڪ جي فاتح ۽ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي 56هين ورسي، بکوديرو ۾ جلسو منعقد

“جئي سنڌ” جي نعري جو خالق ، اڌ بٽئي تحريڪ جي فاتح، پورهيت ۽ هاري جدوجهد جي علامت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وڇوڙي کي 56 سال ٿي ويا آهن ، سنڌ هاري ڪميٽي پاران باقراڻي تعلقي جي سندس جنم ڀومي ڳوٺ بکو ديرو ۾ 56 هين ورسي وڏي عقيدت، احترام ۽ قومي جذبي سان ملهائي وئي ، ان سلسلي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراه اڪبر خان جتوئي جي ميزباني هيٺ هڪ تمام وڏو تاريخي جلسو منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي اڳواڻن ، شاگرد، هاري ،پورهيت اڳواڻن اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ باباءِ سنڌ جي پوئينرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قومي، ادبي ۽ هاري جدوجهد تي روشني وڌي ۽ کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي سربراهه ڪامريڊ اڪبر خان جتوئي، سنڌ عوامي فورم جي چئيرمين حبيب جتوئي، ڊاڪٽر انور حاجاڻو ، سردار ظفر الله سانگي، مولانا اياز علي قمي، ڊاڪٽر امر شي ٺاڪر، ڊاڪٽر حسين لغاري، بهادر رند، محمد عمر جتوئي، دل مراد جتوئي، سرفراز احمد جتوئي، ڪامريڊ سلطان احمد جتوئي، مظهر علي جتوئي ۽ ٻين پڻ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سرڪاري بادشاهيءَ کي ٿڏو هڻي عريبن ،مسڪينن،لاچارن ،بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي جاکوڙيندڙ ڪردار ادا ڪيو، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين هارين، مسڪين کي ڏياري کين مالڪاڻا حق ڏياريا ،هنن چيو ته اڄ به سنڌ جا هاري، مزدور ۽ غريب طبقا ساڳين مسئلن جو شڪار آهن، جڏهن ته جاگيرداراڻو نظام، بيروزگاري، غربت، بدامني ۽ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، حڪومت پاران سنڌ هاري ڪارڊ جاري ته ڪيا آهن پر اصل هاري اهڙي حڪومتي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، سنڌ جي هاري کي اڄ به مڪمل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهه ڪامريڊ اڪبر خان جتوئي وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن کي هٿ وٺي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن سنڌي قوم کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي ۽ سنڌ جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽايو وڃي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ، ڌاڙيل راڄ، منشيات، بدامني، تعليم ۽ صحت جي تباهي، بيروزگاري، وسيلن ۽ زمينن تي قبضا سنڌ جا اهم اشوز آهن، پر حڪمران عوامي مسئلن بدران ماڻهن کي مختلف سازشن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌارين قبضي خلاف آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، صوبائي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو حملو سنڌ جي عوام کي قبول نه هوندو، هنن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن کي مليل اختيارن کي محدود ڪرڻ يا ختم ڪرڻ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ڪندو، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي عوام کان ٻه وقت جي ماني به کسي ورتي آهي،پيٽرول سميت تيل جي اگهن ۾ واڌ سميت اٽو، کنڊ، بجلي، گيس ۽ روزمره جي استعمال جون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن، جڏهن ته نوجوان بيروزگاري سبب مايوسي جو شڪار آهن، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ڌرتي امن، محبت ۽ صوفي ازم جي سرزمين آهي، تنهنڪري قبيلائي جهيڙا، نفرتون ۽ هٿيارن جي سياست سنڌ جي روايتن خلاف آهن،هنن سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻ، اتحاد قائم ڪرڻ ۽ تعليم، شعور ۽ قومي يڪجهتي ذريعي سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي اپيل ڪئي.