انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ياد ۾ سيمينار ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي قائم

انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي منصور کوکر جي صدارت ھيٺ ٿي، جليل آڳرو، اظھر ٻانڀڻ، لطيف راولاڻي، گل منگي ۽ ٻيا شريڪ

انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ياد ۾ سيمينار ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر)انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ياد ۾ سيمينار منعقد ڪرائڻ لاءِ چار رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جڏهن ته ناليواري شاعره آپا مريم مجيدي ۽ سائنسي استاد پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر جي اهم گڏجاڻي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي گل رنگ ٽيريس ۾ صدر منصور کوکر جي صدارت هيٺ منعقد ٿي.جنھن عھديدارن ۽ گورننگ باڊيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي نوي سالا ڪامياب جوبلي ڪانفرنس جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪندي مرڪزي قيادت کي واڌايون پيش ڪيون ويون. جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ جي نامياري ترقي پسند شاعره آپا مريم مجيدي جي اوچتي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي جليل احمد آڳرو، اظھر ٻانڀڻ، لطيف راولاڻي، گل محمد منگي، ڪرم علي شاهه ڪرم، رياض شاهد دايو، منصور کوکر ۽ ٻين سندس ادبي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. گڏجاڻي دوران سنڌ جي جاکوڙي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 56هين ورسي جي مناسبت سان سندس سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ويو. واحد بخش ناريجو، لطيف راولاڻي، عبدالغفور کتري، وليم صادق، لياقت عباسي، نعيم شيخ، رياض شاهد دايو ۽ منصور کوکر خطاب ڪندي حيدر بخش جتوئي جي شاعري، ڪهاڻين، ڊرامن، انگريزي پمفليٽن ۽ ٻين علمي ۽ سياسي خدمتن تي روشني وڌي. اجلاس جي آخر ۾ معروف سائنسي عالم ۽ استاد پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي وفات تي پڻ گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي منصور کوکر، واحد بخش ناريجو، نعيم شيخ ۽ گل محمد منگي تي مشتمل چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا جون مهيني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت، فڪر ۽ جدوجهد بابت هڪ سيمينار منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪندي. گڏجاڻي کان پوءِ شرڪت ڪندڙن ترقي پسند شاعر ۽ آرٽسٽ نديم سبطين جي آرٽس ڪائونسل ۾ جاري ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو دورو پڻ ڪيو ۽ سندس چارڪول آرٽ کي ساراهيو.