ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد آباد واري علائقي منزل پمپ وٽ شير وائو سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر فيروز خان جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو جنهن سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ ڊگهيون قطارون لڳي ويون تفصيل موجب فيروز خان واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي مبينا نااهلي خلاف نيشنل هاءِ وي تي منزل پمپ جي ڀرسان ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ مقامي شهرين پڻ شرڪت ڪئي مظاهرين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي معطل آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن مظاهرين الزام لڳايو ته واٽر ڪارپوريشن شهرين کي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بار بار شڪايتن باوجود به مسئلو حل نه ڪيو پيو وڃي احتجاجي ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ جام ٿي ويو ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن سبب مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري اطلاعات نعيم ڪمران پڻ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن. مظاهرين واضح ڪيو ته جيڪڏهن مسئلو فوري طور حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔
0 تبصرے