سنڌ، جيڪا تهذيبن جي ماءُ سڏجي ٿي، هميشه پنهنجي علم، ادب، مزاحمت ۽ فڪري روايتن سبب سڃاتي وئي آهي. هن ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جا نوجوان آهن، جيڪي ڪنهن به قوم جي مستقبل جي ضمانت هوندا آهن. پر افسوس جو اڄ جي دور ۾ سنڌ جو نوجوان سخت ذهني دٻاءُ، بي روزگاري، مايوسي ۽ سماجي ناانصافين جو شڪار نظر اچي ٿو. اها صورتحال نه رڳو فردي مسئلو آهي پر هڪ پوري سماج ۽ رياستي نظام جي ناڪاميءَ جو عڪس پڻ آهي.تاريخ تي نظر وجهجي ته سنڌ جي نوجوانن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آزاديءَ جي تحريڪن هجن يا سماجي سجاڳيءَ جا مرحلا، نوجوانن اڳتي وڌي قربانيون ڏنيون. پر اڄ صورتحال بلڪل مختلف آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ باوجود روزگار جا دروازا بند نظر اچن ٿا، ۽ نوجوان پنهنجي مستقبل لاءِ غير يقيني حالتن ۾ بيٺل آهن.اڄ سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بي روزگاري آهي. تعليمي ادارن مان هزارين نوجوان هر سال ڊگريون کڻي نڪرن ٿا، پر کين پنهنجي صلاحيتن مطابق روزگار نٿو ملي. سرڪاري نوڪرين ۾ محدود موقعا، سفارش سسٽم، ۽ ادارتي بي ضابطگيون نوجوانن جي حوصلي کي ٽوڙي ڇڏين ٿيون. نجي شعبي ۾ به اڪثر نوجوانن کي گهٽ اجرت، غير يقيني ملازمت ۽ استحصال جو سامنا ڪرڻو پوي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا. جڏهن انسان کي پنهنجي محنت جو مناسب صلو نه ملي، ته مايوسي جنم وٺي ٿي، ۽ اها مايوسي آهستي آهستي سماجي بگاڙ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون اچن ٿا جتي بيروزگار نوجوانن کي اميد ڏيئي پوءِ مايوس ڪيو وڃي ٿو. مختلف ڪمپنين، ادارن يا تنظيمن پاران نوڪرين يا انٽرنشپ جي نالي تي نوجوانن کي سڏائي ڊگهو انتظار ڪرائڻ، غير مناسب انتظام ڪرڻ يا شفافيت نه رکڻ هڪ عام شڪايت بڻجي وئي آهي. اهڙا رويا نوجوانن جي عزتِ نفس کي زخمي ڪن ٿا جيڪڏهن ڪنهن علائقي مان سوين نوجوان ڪنهن اميد سان گڏ اچن ۽ انهن لاءِ بنيادي انتظام به نه هجي، ته اهو رڳو هڪ تنظيم جي غلطي نه پر مجموعي نظام جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو. نوجوانن کي عزت ڏيڻ، سندن وقت جي قدر ڪرڻ ۽ شفاف موقعا فراهم ڪرڻ هر ذميوار اداري جو فرض آهي سنڌ جي تاريخ ۾ نوجوان هميشه اڳڀرا رهيا آهن. سنڌو تهذيب کان وٺي جديد دور تائين نوجوانن علم، هنر، واپار ۽ فڪر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صوفي تحريڪن ۾ به نوجوانن محبت، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو. اڄ جي جديد دور ۾ به جيڪڏهن نوجوانن کي صحيح رستو ملي، ته هو ٽيڪنالاجي، سائنس، ڪاروبار ۽ سياست ۾ سنڌ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا.
پر بدقسمتيءَ سان جڏهن هڪ نسل کي مسلسل نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ته ان جا اثر صرف فرد تائين محدود نٿا رهن، پر پوري سماج تي پون ٿا.
منشيات ۽ سماجي بگاڙ
بي روزگاري ۽ مايوسي جو هڪ خطرناڪ نتيجو منشيات ڏانهن لاڙو آهي. جڏهن نوجوان کي مستقبل روشن نظر نه اچي، ته هو غلط رستن ڏانهن وڃي ٿو. هي صورتحال رڳو فردي نه پر قومي الميو آهي. منشيات نه صرف فرد جي صحت کي تباهه ڪري ٿي، پر خاندان، سماج ۽ معيشت تي به تباهه ڪندڙ اثر وجهي ٿي.سنڌ ۾ سياسي ۽ معاشي نظام اهڙو بڻجي ويو آهي جتي عام نوجوان لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا محدود آهن. وسيلن جي غير منصفاڻي ورهاست، ادارن ۾ بي قاعدگيون، ۽ ترقياتي پاليسين ۾ عدم توازن نوجوانن جي مستقبل کي متاثر ڪري رهيو آهي. جڏهن پاليسيون زميني حقيقتن کان پري هجن، ته انهن جا نتيجا به عوام لاءِ منفي نڪرندا آهن.هن صورتحال جو حل صرف حڪومت تي الزام لڳائڻ نه آهي، پر هڪ گڏيل سماجي ذميواري آهي. حڪومت کي گهرجي ته روزگار جا شفاف موقعا پيدا ڪري، ٽيڪنيڪل تعليم کي فروغ ڏئي، ۽ نوجوانن لاءِ انٽرنشپ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام وڌايا وڃن نجي شعبي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي عزت، موقعا ۽ مناسب ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي. ساڳئي وقت تعليمي ادارن کي به پنهنجي نصاب کي جديد ضرورتن مطابق بڻائڻ گهرجي نوجوان ڪنهن به قوم جو اصل سرمايو هوندا آهن. جيڪڏهن نوجوان مايوس ٿي وڃن، ته قوم جو مستقبل خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. پر جيڪڏهن انهن کي صحيح رستو ملي، ته اهي ئي نوجوان هڪ نئين سنڌ، هڪ خوشحال سماج ۽ هڪ مضبوط معيشت جا معمار بڻجي سگهن ٿا.سنڌ جي موجوده حالتن ۾ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي نوجوانن کي صرف تماشائي بڻائي ڇڏينداسين يا انهن کي پنهنجي مستقبل جو معمار بڻائينداسين؟ وقت جي ضرورت آهي ته نوجوانن جي مسئلن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، سندن عزتِ نفس جو احترام ڪيو وڃي، ۽ انهن لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
نوجوانن سان ناانصافي نه رڳو فردي ظلم آهي پر اهو هڪ قوم جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي. جيڪڏهن اسان اڄ سجاڳ نه ٿياسين، ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو.
0 تبصرے