ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي ڳوٺ ڪينجھر منڱڻيجو جي رھواسين جو با اثر جي ظلمن خلاف پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو .جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ھنڱورجا جي ڳوٺ ڪينجھر منڱڻيجو جي رھواسين پيرسن حمز علي منڱڻيجو.مبين منڱڻيجو.ريحان منڱڻيجو شاھنواز منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ھنڱورجا آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ڳوٺ جي بس بااثرن فاضل علي نذير احمد ملھير منڱڻيجو ۽ آن جي ساٿين اسان جي زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ لاء حملو ڪيو آھي جنھن سبب اسان جا ٻ نوجوان شديد زخمي ٿيا آھن جن جي سوڀوديرو ٿاڻي تي رپورٽ بہ درج ڪرائي آھي پر پوليس انتظاميا جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي جوابدار اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن چيو ت زمين اسان جي ابن ڏاڏن جي آھي زبردستي مخالف قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھنن چيو ت جوابدار با اثر آھن اسان غريب مسڪين آھيون ڪير ب اسان جي داد رسي ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ت فوري طور تي حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے