ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ الجديد سوسائٽي ڀرسان فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو ذريعن موجب زخمي ٿيل شخص جي سڃاڻپ محمد جميل ولد محمد رمضان طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 30 سال ٻڌائي وڃي ٿي. شروعاتي اطلاعن موجب زخمي ٿيل شخص پوليس اهلڪار آهي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي اڃا تائين ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جتي شاهديون گڏ ڪرڻ سان گڏ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. فائرنگ جا سبب فوري طور معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته هٿياربند جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وياپوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سگهجي.
0 تبصرے