هڱورجا: گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

هڱورجا: گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ھڱورجا(رپورٽر)گذريل ڏينھن ڦر دوران مزاحمت تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل پورھيت جو چار جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل . پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي ھاف فراء ڪري ڇڏيو . مقابلي دوران ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوا. تفصيلي خبر موجب گذريل ڏينھن ھنڱورجا ڀرسان ھٿياربندن پاران موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل 20 سالن جي نوجوان ممتاز مارواڙي جي قتل ڪيس ھنڱورجا ٿاڻي تي سندس والد لکمير مارواڙي جي فرياد تي ٻن سڃاتل جوابدارن عرفان ملڪ ۽ مدثر ڀٽي ۽ ٻہ نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي فريادي ڄاڻايو آھي تہ ڦر لٽ دوران فائرنگ ڪري منھنجي پٽ ممتاز مارواڙي کي قتل ڪري ڇڏيو آھي .جن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ منھنجي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو آھي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي . ٻي پاسي ھنڱورجا پوليس پاران سيٺارجا لنڪ روڊ مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن وٽان ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي ايس ايڇ او ھنڱورجا اقبال نون ٻڌايو ت مقابلي ۾ ٻن ڏوھارين عرفان ملڪ ۽ مدثر ڀٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي ٻئي ڏوھاري ممتاز مارواڙي جي قتل ۾ ملوث آھن ڏوھارين وٽان ھٿيار ھٿ ڪيا آھن.