ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سان ٿر سٽيزن فورم جي وفد جي ملاقات

ڊي سي ۽ اوڀايو جوڻيجو جي اڳوڻي ۾ آيل وفد ملاقات دوران ضلعي جي مڙني مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي

ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سان ٿر سٽيزن فورم جي وفد جي ملاقات

مٺي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سان سندس آفيس ۾ اوڀايو جوڻيجو جي اڳوڻي ۾ ٿر سٽيزن فورم جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ضلعي جي مڙني مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي ملاقات دوران ٿر سٽيزن فورم جي وفد ٿر ڪول جي متاثرين جي مسئلن، فوتي کاتا بدل تي مبينا رشوت جي طلبي، وڻن جي واڍي ۽ گوئچر ۽ سرڪاري زمين ٿيل قبضن جا خاتمي سميت گوئچر کي آباد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ بابت پنهنجا مسئلا ڊي سي آڏو رکيا.وفد پنهنجو موقف بيان ڪندي ڊي سي ٿرپارڪر کي ٻڌايو ته ٿر ڪول بلاڪ ون جي انتظاميا بلاڪ ون جي ماڻهن کي متبادل رهائش ڏيڻ لاء مقامي چونڊيل نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجاڻيون ڪري مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ۽ ٿر ڪول جا 12 بلاڪ آهن جن مان ماڻهو اڳتي هلي متاثر ٿيندا ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي پوندي ان ڪري مڪمل سهولتن سان 2 ماڊل ٽائونن جي منصوبا بندي ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي ڏکيائي نه ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر ٿر پارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ٿر سٽيزن فورم جي وفد جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ يقين ڏياريو ته ٿر سٽيزن جي پيش ڪيل مسئلن ۽ تجويزن کي قانوني طرح سان حل ڪرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي اهو به چيو ته ٿر ۾ روينيو رڪارڊ آف رائيٽس جي حوالي سان هر تعلقي ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون وينديون ۽ روينيو سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. ڊي سي وفد ٿر ڪول اشو بابت وڌيڪ ٻڌايو ته بلاڪ ون مان سمورا ماڻهو زمينن ۽ گهرن جا معاوضا وٺي نيو تلوايو ۽ وروائي مان ري سيٽلمينٽ پاليسي تحت ويا هليا آهن جن کي ڪمپني سموريون سهولتون فراهم ڪيون آهن باقي صرف 35 گهرن جو مسئلو هو جيڪو به حل ٿي ويو آهي انهن کي به ري سيٽلمينٽ پاليسي تحت سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ٿر جي ماڻهن کي گھرجي ته اهي به ضلعي انتظاميه جو ساٿ ڏين ۽ وڻ جي واڍي کي روڪڻ سميت گئوچر تي پوکي ٿيڻ نه ڏين.وفد ۾ اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير، ساجن چارو، قربان سميجو، ۽ جي ايم بجير شامل هئا. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سان ملاقات دوران ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو ۽ ٻين پنهنجو موقف پيش ڪندي لکت ۾ درخواستون پڻ ڏنيون.