ٺٽو(ڊر) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون 12 گٽڪا فروش ۽ 8 منشيات فروش سميت 20 جوابدار گرفتار 1680 پڙيون گٽڪا ماوا، 1 رڪشا، 90 گرام چرس، 25 بوتلون شراب، 78 بيگز ديسي شراب ۽ 1 موٽر سائيڪل هٿ، ڪيس داخل ٺٽو پوليس طرفان گٽڪا ۽ منشيات خلاف ڪاررواين جو سلسلو تيزي سان جاري ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر زياد حسين نوناري ۽ انچارج 15 مددگار بيس ٺٽو انسپيڪٽر نواب خان پنهنجي عملي سان گڏ ٺٽو شهر ۾ ڪامياب ڪارروايون ڪندي 6 منشيات فروش جوابدار حسيب ولد عبدالرحمان خشک، لقمان ولد خان محمد خشک، سڪندر ولد محمد جمن کھمان، محمد اسلم ولد محمد رمضان سنگھار، جمال ولد محمد سليم سنگھار ۽ محمد شريف ولد حاجي ناتھو ميمڻ کي 53 بيگز ديسي شراب ۽ 25 بوتلون شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 3 گٽڪا فروش جوابدار صفر علي عرف سلمان ولد بصرالدين ميمڻ، رفيق ولد محمد اسحاق مڪراني ۽ شيري ولد جارج مسيح کي 165 پڙيون گٽڪا ماوا سميت گرفتار ڪيو ويو۔ ايس ايڇ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر زاهد حسين پنهور پنهنجي عملي سان گڏ مڪلي کان غلام الله روڊ، صابرا وليج ۽ ترڪش ڪالوني ڀرسان ڪارروايون ڪندي 3 گٽڪا فروش جوابدار عبدالواحد ولد ميهار خاصخيلي، زين علي ولد علي اڪبر سميجو ۽ غلام حسين ولد علي محمد ارباب کي 600 پڙيون گٽڪا ماوا ۽ 1 رڪشا سميت گرفتار ڪري ورتو۔ ايس ايڇ او ٿاڻو جھمپير انسپيڪٽر لياقت علي مغيري پنهنجي عملي سان گڏ جھمپير شهر ۾ ڪارروائي ڪندي 2 گٽڪا فروش جوابدار محمد انور ولد محمد ابراهيم بارچ ۽ محمد سليم ولد محمد اسلم بارچ کي 397 پڙيون گٽڪا ماوا سميت گرفتار ڪيو، جڏهن ته 1 منشيات فروش جوابدار گل حسن عرف گل ولد علي محمد ماڇي کي 25 بيگز ديسي شراب سميت گرفتار ڪيو ويو۔ ان کان علاوه ٿاڻو ڪيٽي بندر، گاڙهو ۽ ڏاهابيجي پوليس ڪارروايون ڪندي 4 گٽڪا فروش جوابدار محمد الياس عرف نورل ولد محمد مرگھر، مير علي ولد حسين ڪنڀار، اعجاز ولد اسماعيل ميمڻ ۽ عرفان ولد محمد سليم ميمڻ کي 545 پڙيون گٽڪا ماوا سميت گرفتار ڪيو، جڏهن ته 1 منشيات فروش جوابدار رحمت الله ولد حضرت عمر پٺاڻ کي 90 گرام چرس ۽ رڪشا سميت گرفتار ڪيو
0 تبصرے