English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
24 views
|
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي سامارو موڙ ۽ ڍورونارو روڊ تي ڌار ڌار ڪارروايون ڪندي تقريباً 4 ڪلو آفيم هٿ ڪري بين الاضلاعي منشيات فروش گروهه سان واسطو رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪَ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس موجب پهرين ڪارروائي سامارو موڙ تي ڪئي وئي، جتي چيڪنگ دوران الٽو گاڏي نمبر BZ-409 کي روڪي تلاشي ورتي وئي، تلاشي دوران جوابدار علي اڪبر راڄڙ ۽ غلام مصطفيٰ راڄڙ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڏيڍ ڪلو آفيم هٿ ڪئي وئي، ٻئي ڪارروائي ڍورونارو روڊ تي ڪئي وئي، جتي ڪوري گاڏي نمبر AGR-354 کي روڪي تلاشي دوران جوابدار غلام رسول جٽ ۽ گهمن ڀيل کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اڍائي ڪلو آفيم هٿ ڪئي وئي، ايس ايڇ او سٽي نور محمد نوحاڻي موجب گرفتار ڪيل چارئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته جوابدار سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جا رهواسي آهن ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ آفيم جي فراهمي ۾ ملوث آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ امڪاني سهولتڪارن ۽ نيٽ ورڪ بابت پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان عدالت کين جوڊيشل ريمانڊ تي سب جيل اماڻي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيٺارجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار
0 تبصرے