English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا قبضو
13 views
|
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
راندين جو ميدان ٽيڪسي اسٽينڊ ۽ غيرقانوني سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد فيز 2 ۾ واقع عوامي تفريحي ماڳ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ آهستي آهستي پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائيندو پيو وڃي جتي هڪ وقت نوجوان ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٻين راندين ۾ حصو وٺندا هئا، اڄ اهو ئي گرائونڊ مبينا طور قبضا مافيا، ٽيڪسي اسٽينڊ، رڪشا اسٽينڊ، غيرقانوني او ٽي او آئل ٽينڪر آپريٽرز جي اڏن ۽ ڪچري جي ڍيرن جي ور چڙهيل آهي، جنهن سبب علائقي واسين ۽ رانديگرن ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي علائقي جي رهواسين موجب گرائونڊ جي مختلف حصن تي غيرقانوني قبضا ٿيڻ سبب راندين جون سرگرميون تقريبن ختم ٿي ويون آهن. ٽيڪسين، رڪشن ۽ ٻين گاڏين جي مستقل پارڪنگ گرائونڊ جو وڏو حصو والاري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هنڌ هنڌ ڪچري جا ڍير ۽ نيڪال جي گندي پاڻي سبب ماحول به آلودہ بڻجي ويو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته هن صورتحال سبب نه رڳو نوجوان صحتمند راندين کان محروم ٿي رهيا آهن، پر عورتن، بزرگن ۽ ٻارن لاءِ به هي تفريحي ماڳ غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي. هنن الزام هنيو ته ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ۽ درخواستون ڏيڻ باوجود ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مبينا قبضا مافيا وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي. مقامي ماڻهن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن بروقت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته گرائونڊ مڪمل طور پنهنجي اصل حيثيت وڃائي ويهندو علائقي واسين، سماجي اڳواڻن ۽ راندين سان لاڳاپيل ماڻهن ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ميونسپل انتظاميه، اسپورٽس کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تان سمورا غيرقانوني قبضا فوري طور ختم ڪيا وڃن، ٽيڪسي ۽ رڪشا اسٽينڊ اتان منتقل ڪيا وڃن، صفائي جو مؤثر نظام قائم ڪيو وڃي ۽ گرائونڊ کي ٻيهر راندين ۽ عوامي تفريح لاءِ بحال ڪيو وڃي، جيئن نوجوان صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ٿين ۽ علائقو ٻيهر پنهنجي راندين واري سڃاڻپ حاصل ڪري سگهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
آمروں کے خلاف ’’کاکروچ‘‘ پہلے بھی نکلے تھے، اب بھی نکل سکتے ہیں: پیپلز پارٹی
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
جو لوگ اسی نظام سے فائدہ اٹھاتے رہے، اب اسے ہی ناکام قرار دے رہے ہیں: رانا ثناء اللہ
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مصر پر حملے کو اسرائیل کی ’فالس فلیگ‘ کارروائی قرار دے دیا
02nd Aug 2026
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف علاقوں میں بارش کا سلسلہ جاری، مختلف حادثات میں بچوں سمیت متعدد افراد جاں بحق
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٿرپارڪر ۾ بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏيڻ بابت نوجوان آبادگارن جي گڏجاڻي
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا قبضو
02nd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف 8 آگسٽ تي ملير ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشن حديد فيز 2 ۾ ڊاڪٽر ڪرڪيٽ
0 تبصرے