ھڱورجا: قومي شاھراھھ تي ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو، نوجوان فوت، عورت ۽ ٻارڙو زخمي

ھڱورجا: قومي شاھراھھ تي ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو، نوجوان فوت، عورت ۽ ٻارڙو زخمي

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت عورت ۽ ٻارڙو زخمي اسپتال داخل. تفصيل موجب ھنڱورجا ڀرسان قومي شاھراھ تي لعل بخش سولنگي اسٽاپ سامھون تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پيار علي ملاح مسمات ساجده ملاح ۽ ھڪ ٻارڙو شديد زخمي ٿي پيا جن جي ھنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو.بعد ۾ زخمين کي گمبٽ گمس اسپتال نيو ويو جتي پيار علي ملاح رستي ۾ زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو.فوري جو لاش ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ ڀيلار وڏا ۾ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو آھي.