English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھمپير ۽ ڀرپاسي چوپايو مال بيمارين ۾ مبتلا
views
|
13th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
چوپايو مال بيمار ٿيڻ سبب مالوند پريشانين جو شڪار
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) جھمپير ۽ ان جي آس پاس جي ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ اوچتو ڦھلجندڙ وبائي بيمارين سبب چوپايو مال مرڻ لڳو ڀاڳيا سخت پريشان، جھمپير شھر م قائم وٽنري اسپتال جو عملو بہ چوپائي مال جو علاج ڪرڻ کان قاصر بڻيل، ڀاڳئين پاران جانورن واري اسپتال تي پھچڻ توڙي عملي پاران جانورن جو علاج ڪرڻ بجاء فرار ٿيڻ جي وڊيو بہ وائرل ٿي ويئي، ڀاڳئين پاران انصاف جو مطالبو ڪيو ويو اھي، ان سلسلي ۾ جھمپير ۽ ان جي اسپاس جي ڪيترن ئي ڀاڳئين دانھيندي چيو اھي تہ ڪجھ وقت کان وٺي ٻيھر ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري سندن چوپايو مال مرڻ لڳو اھي، پر جھمپير ۾ قائم جانورن واري اسپتال ۾ ھڪ طرف دوائون ناھن تہ بئي طرف مقرر عملو جانورن جو علاج ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن، ٻئي طرف جھمپير جي جانورن جي اسپتال جي ھڪ وڊيو بہ وائرل ٿي اھي، جنھن ۾ ڀاڳيا جانورن جي اسپتال پھچي ويا، جن اتي مقرر سليم پٺاڻ کي سندن بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ لاء منٿون ڪيون تہ ھن جانورن جو علاج ڪرڻ يا ڀاڳئين سان ڳالھائڻ بجاء اسپتال ڇڏي فرار ٿيڻ ڏيکاريو ويو اھي، جنھن ۾ ڀاڳيان کيس منٿون ڪندا ٿا رھن پر ھو پنھنجو منھن بہ ڪئميرا سامھون نٿو ڪري، متاثر ڀاڳئين دانھيندي چيو اھي تہ ھن اسپتال تي اھڙو عملو ٿاڦيو ويو اھي، جيڪي رڳو پگھارون کڻڻ تائين محدود بڻيل آھن، پر ڀاڳئين جي بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ لاء تيار ناھن، جن کي سرڪار لکين روپيہ ماھوار پگھارون ادا ڪري ٿي، ھنن لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسسبينڊري سنڌ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ فورن جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي سندن بيمار جانورن جو علاج ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچائي جھمپير جي جانورن واري اسپتال تي ڄاڻو عملو مقرر ڪري ڀاڳئين کي پريشاني ۽ نقصان کان بچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جھمپير
ڪوھستاني
چوپائي
بيمارين
0 تبصرے