English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ بھار فائونڊيشن پاران محقق عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ ملھائي وئي
110 views
|
06th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ منعقد تقريب ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون شريڪ
گڏاپ (رپورٽر)بھار فائونڊيشن پاران منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ سياسي ، سماجي ، اديب ، شاعر ۽ سنڌ جي تاريخ جي محقق عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ ملھائي وئي ، اسان کي پنھنجي ھيروز کي ان جي زندگي ۾ مڃتا ڏيڻ گھرجي جيڪي پنھنجي زندگي جو نور نچوڙي قوم جي خدمت ڪن ٿا محمد سچل وڌو ان موقعي تي ڊاڪٽر عابد مظھر ، پنھل لاڙڪ ، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ يو سي چيئرمين بشير خاصخيلي ، پي ٽي آئي اڳواڻ آفتاب گوپانگ ۽ بھار فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين پرويز احمد ڄامڙو ڳالھائيندي چيو ت عنايت کٽياڻ گھڻ رخي شخصيت آهي قومي ڪارڪنن ھئڻ سان گڏ ھي ھميشه سماجي ڪمن ۾ متحرڪ رھيو آھي ڪراچي سچل ڳوٺ توڙي ٻين سنڌي وسندين کي آباد ڪرڻ ۽ انھن کي سھولتون ڏيارڻ ۾ عنايت کٽياڻ جو تمام وڏو قردار رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ت عنايت کٽياڻ ڪيترن سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ داخلائون ڪرايون ت جيئن سنڌي قوم جي نوجوانن تعليم سان گڏ سياسي پختگي حاصل ڪري قوم جا ھڏ ڏوکي ۽ ڀرجھلا ٿين ھنن وڌيڪ چيو ت عنايت کٽياڻ سنڌ جي ماڳن مڪانن جي تاريخ سھيڙي سنڌي قوم تي احسان ڪيو آھي ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ت ھي پھريون ڀيرو آھي جو ڪنھن قومي ڪارڪن کي مڃتا ڏني پئي وڃي بھار فائونڊيشن جي سموري ٽيم جس لھي ، اڪثر ماڻھو خوشامند ۾ سٺ سالن جي پوڙھي جي سالگرھ ملھائي وڏا خوش ٿيندا آھن پر ڪنھن قومي ڪارڪن کي مڄتا ڏيڻ ۾ کين تڪليف ٿئي ٿي ، نالي واري اديب ، شاعر ، دانشور تاريخدان عنايت کٽياڻ ڳالھائيندي چيو ت مون ڪنھن تي ڪوئي احسان ناھي ڪيو آئون ھڪ قومي ڪارڪن آھيان مون پنھجي حصي جو ڪم ڪيو آھي ۽ سنڌي قوم لاء جيستائين زنده آھيان جاکوڙيندڙ رھندس ھن وڌيڪ چيو ت بھار فائونڊيشن وارن جو تمام گھڻو ٿورائتو آھيان جن منھنجي لاء اھڙو بھترين پروگرام ڪيو آھي بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو ھميشه منھنجو ڀرجھلو بڻيو آھي مون کي جڏھن فالج ٿيو ۽ بعد ۾ وري دل جو مسئلو ٿيو ت سچل وڌو ڏينھن رات مون سان گڏ رھيو ڪڏھن ب مون مايوس ٿيڻ ن ڏنائين ، پروگرام ۾ ريڊيو ٽي وي جي مشھور فنڪار شھزاد ٻرڙو سنڌ منھنجي امان سونھن تنھنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ڳائي ۽ مان سينڌ سنڌوء جي سجائيندس ڳائي نوجوانن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ان موقعي تي آتش پھنيار ، ذوالفقار سيال ، استاد عاشق حسين وڌيو ، ڊاڪٽر خان محمد سوڍڙو ۽ مشتاق اڄڻ سميت علائقي واسي شريڪ ٿيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بھار فائونڊيشن
منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري
ڌڻي بخش بروھي
عنايت کٽياڻ سان سرھي سانجھ
0 تبصرے