English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ۾ پي وي ڊي پي پاران مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي
122 views
|
05th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
جنرل فزيشن، زنانا بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرياڻين ، اکين جي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو
ميرپورخاص (بيورو) ميرپورخاص جي سماجي تنظيم پي وي ڊي پي پاران ايڪشن ميڊور جرمني جي سهڪار سان هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. تفصيل موجب ميرپورخاص جي سماجي تنظيم PVDP پاران ايڪشن ميڊور جي سهڪار سان ڳوٺ عبدالڪريم مهر يوسي جھلوري ۾ هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. جنهن ۾ جنرل فزيشن، زنانا بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرياڻين ، اکين جي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته آءِ آر ڊي پاران ڪيمپ ۾ مريضن جا 300 کان وڌيڪ مفت ايڪسري، بلگم ۽ هيپاٽائيٽس (سي) جا ٽيسٽ ڪيا ويا. ڪيمپ ۾ ايڪسري ۽ بلگم ٽيسٽ جي فوري رزلٽ لاء موبائل سروس جو پڻ انتظام ڪيو ويو. ڪيمپ ۾ سمورن مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون ويون، ان موقعي تي پي وي ڊي پي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم ڊومينڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي وي ڊي پي جي طرفان هي ڪيمپ ايڪشن ميڊور جرمني سھڪار سان غريب ماڻهن ۾ بيمارين جي ڄاڻ لاءِ آهي. جنهن ۾ IRD مفت ٽيسٽ سرور فراهم ڪيو آهي جنهن ذريعي ڳوٺاڻن تي مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ۽ ڪيمپ ۾ 1200 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ کين دوائون فراهم ڪيون ويون، پي ڊي پي جو مقصد ڳوٺن جي ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.ان موقعي تي پرويز حيدرـ لينا خالد زاھد پنھور ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورخاص
سماجي تنظيم
PVDP
ايڪشن ميڊور جرمني
0 تبصرے