English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
176 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ ۽ بند اسڪولن کي کولرائڻ لاء جمالي پل سپر ھاء وي کان سنڌ آباد تائين تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، تفصيل موجب ڪراچي ۾ بھار فائونڊيشن ۽ گريوا پاران محمد سچل وڌيو. محمد قاسم پٺاڻ. مشتاق احمد اڄڻ. پي ايس 98 جو اميدوار پير فرخ شاھ سرھندي. آپا امير زادي. علي بخش چنه. عاشق وڌيو. ذوالفقار سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ عمارتن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي. اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي جنھن سبب معصوم ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. سپر ھاء وي ڀرسان ھزارين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن جن وٽ اسڪول ناھي ھي معصوم ٻارڙا پنڻ ۽ سماجي براين جي ور چڙھيل آھن. ھنن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم بھتر نہ ھجڻ ڪري والدين ھن منھگائي جي دور ۾ ڳريون فيسون ادا ڪري پنهنجن ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ تي مجبور آھن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري اسڪول ناھن ۽ ڪٿي ته استادن جي کوٽ آھي ته ڪٿي عمارتون زبون بڻيل آھن. ھنن چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي. سرڪاري اسڪولن ۾ مفت درسي ڪتابن سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم يافته استادن کي مقرر ڪري روزانو جي بنياد تي چيڪ بيلنس کي برقرار رکيو وڃي. گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن سرڪاري اسڪولن جي تعليم بھتر ٿي سگھي. ان لاء والدين، ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي کي اڳتي اچي پنھنجو قردار ادا ڪرڻو پوندو. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاء بند پيل اسڪولن کي کولرايو وڃي ته جيئن مستقبل جا معمار تعليم حاصل ڪري پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
بھار فائونڊيشن
گريوا پاران
0 تبصرے