English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي طرفان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪشميرين سان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو
views
|
05th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي طرفان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪشميرين سان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان 5 فيبروري تي ڪراچيءَ کان ڪشمور پوري سنڌ ۾ ڪشمير جو ڏهاڙو ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ، سکر جيڪب آباد ، ميرپورخاص ، نوابشاهه،جھڏو ڪنڌڪوٽ ، لاڙڪاڻو سميت شڪارپوربدين سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون ، جلسا ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا جڏهن ته هٿن جي زنجير ٺاهي ڪشميري عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.شرڪاء ڪشمير جي آزادي تائين جنگ اسان جي جاري رهندي، ڀارت جو هڪ علاج الجهاد الجهاد ، ڪشمير کي آزاد ڪريو جا اڀ ڏاريندر نعرا هنيا ان موقعي تي ڪشمير ۾ جاري ظلم جي مذمت ، عالمي ضمير توڙي انسان حقن جي ادارن کي انجو نوٽس وٺڻ ۽ اقوام متحده کان پنهنجي پاس ڪيل قرارداتن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ منظور ڪياويا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڊگري کان جھڏو تائين ڪڍيل موٽر سائيڪل ڪشمير ريلي کي خطا ب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي،خوبصورت ڪشمير وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي . عالمي ضميرتوڙي انسان حقن جا ادار خاموش تماشائي، اقوام متحدھ انڌي ٻوڙي۽ گونگي بڻيل آهي . ڪشميرين جي جدوجهد ضرور هڪ ڏينهن رنگ لائيندي ڪشمير ماٿري تي آزادي جو سج ضرصر اڀرندو . هن چيو ته 1990 ۾ سڀ کان پهريون اڳوڻي امير قاضي حسين احمد 5 فيبروري جو ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو هو جيڪو هاڻي هر سال ملهائيو ويندو اهي . پاڪستان جي باني قائد اعظم ڪشمير کي ساه واري رڳ قرار ڏنو هو انڪري ڪشمير کان سواءِ پاڪستان اڌورو آهي . ريلي کي صوبائي اڳوڻ افضال صديقي ، قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي اميدوارن حنيف قائم خاني ۽ محمد طاهر جٽ پڻ خطاب ڪيو . ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولا موڙ کان گھنٽا گھر چوڪ تائين رٿيل ڪشمير ريلي کي صوبائي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي 191 جي اميدوار حافظ نصراللھ چنا، صوبائي اسمبلي جي تڪ 04 جي اميدوار غلام مصطفي ميراڻي ، ايڊوڪيٽ عبداللھ گولو خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ هڪ ڏينهن ظلم جي ڪاري رات ضرور ختم ٿيندي . اڌ صدي کان ملڪ ۾ حڪمراني ڪندڙ ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ ن ليگ ڪشمير جي سودي بازي ، مهانگائي بدامني ۽ ڪرپشن جي تحفن کانسواءِ عوام ٻيو ڪجھ به ڪونه ڏنو آهي ڪشميري عوام اللھ جي آسري تي پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ جنگ جوٽي هئي جيڪي ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي منزل حاصل ڪندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي
ڪشمير
0 تبصرے