English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: خانگي ڪمپنين جي زهريلي پاڻي سبب علائقي ۾ مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون، احتجاج
102 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سپر هاءِ وي لڳ خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سبب علائقي ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي لڳ خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي ڇوڙ سبب علائقي واسي چمڙي، پيٽ ۽ دم جي بيمارين ۾ مبتلا، دنبه ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ احتجاج ڪندا نڪري آيا، ڪمپنين سامھون احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو، انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪيو، ماحول کي تباهه ٿيڻ کان بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ماحوليات کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ميمورينڊم جاري، صدين کان آباد آهيون نجي ڪمپنين ۾ روزگار ته نٿو ڏنو وڃي اٽلندو غيرقانوني طور تي بورينگ ذريعي پاڻي حاصل ڪري زهريلو ۽ گندي پاڻي جو آبادين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، ڪارروائي نه ڪئي وئي ته نجي ڪمپنين خلاف سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين اڳواڻ تفصيل موجب ملير ۾ سپر هاءِ وي لڳب خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سبب علائقي واسي چمڙي، پيٽ ۽ دم جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ علائقي جي سماجي اڳواڻن نهايت ڳڻتي جو اظهار ڪندي احتجاج جو سڏ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسي نظير عالياڻي، باسط پالاري، فياض پالاري، نواب پالاري، گلشير پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڄاڻايل نجي ڪمپنين سامھون گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو، هو گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو، انتظاميا جي خلاف ڪارروائي ڪيو، ماحول کي تباهه ٿيڻ کان بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صدين کان آباد آهيون پر علائقي ۾ موجود نجي ڪمپنين ۾ بي روزگار نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، اٽلندو ڪمپنين مان زهريلي پاڻي جو علائقي ۾ ڇوڙ ڪري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي، هنن الزام هنيو ته ڪمپني انتظاميا غير قانوني طور تي بورينگ ذريعي وڏي پئماني تي پاڻي حاصل ڪري زهريلي ۽ گندي پاڻي جو ڇوڙ آبادين ۾ ڪري رهي آهي، هنن اعلان ڪيو ته ڄاڻايل ڪمپنين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ ۾ مجبور ٿي پونداسين .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
دنبا ڳوٺ
ملير
سپر هاءِ وي
0 تبصرے