English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ عمرڪوٽ جي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي
views
|
12th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي پ پ ضلعي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ جي صدارت ۾ ٿي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي گڏجاڻي، 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو ان ڏس ۾ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي گڏجاڻي ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ امير ھائوس تي پ پ ضلعي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ پ پ ضلع جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر، ضلع چيئرمين حاجي بقا پلي، وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري، تعلقه صدر ڪنري شاھنواز جوڻيجو، تعلقه صدر پٿورو عاشق حسين ڇورو، تعلقه سامارو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر نظير ڀرڳڙي، جنرل سيڪريٽري تعلقه عمرڪوٽ محمد امين پلي سميت سٽي صدر ڊاڪٽر گھنشام راٺوڙ، ايم سي جي وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، ھاري ڪميٽي ضلعي صدر واحد سمون سميت ٻين پ پ عھديدارن ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 يوم شھادت جي سلسلي ۾ ضلعي عمرڪوٽ جو قافلو 26 ڊسمبر تي نڪري 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدا بخش لاڙڪاڻو ۾ رٿيل ورسي ۾ شرڪت ڪندو ان موقعي تي پ پ ضلعي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ چيو ته پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت عھديدارن جيالن بلدياتي نمائيندا پارٽي ورڪر پنهنجي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائن ۽ ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي وڃي گڏجاڻي ۾ عمرڪوٽ سٽي انفارميشن سيڪريٽري موتي رام ميگھاڻي يوٿ ونگ ضلع صدر امــيــر علي ھاليپوٽو، ضلع صدر سپاف پرويز رند، ليڊيز ونگ ضلع صدر گلزاران سمون، چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڍورونارو نواب راڄڙ، چيئرمين ٽائون ڪميٽي پٿورو واصف ڇورو، چيئرمين شادي پلي ٽائون ڪميٽي جھانگير بلوچ، چيئرمين ٽائون ڪميٽي سامارو وقار ذولفقار، چيئرمين نبي سر جاويد آرائين، وائيس چيئرمين ڪنري شيوانند سنڌي، مرتضي رند عباس رند رشيد شر جنت قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شھيد راڻي بينظير ڀٽو
عمرڪوٽ
0 تبصرے