English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو شهر بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نٿي ڪري: ممتاز شيخ
102 views
|
27th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌڻ سبب رهواسي خوف واري زندگي گذاري رهيا آهن، نوٽيس وٺي امن بحال ڪرايو وڃي: قيو اي ٽي اڳواڻ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي ۽ شاھ ڪمال محلي جي رھواسين قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ممتاز شيخ، وحيد سومرو،غلام قادر تارو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ٺٽي شھر ۾ وڌندڙ ڏوھي وارداتن عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، ھڪ ھفتي اندر 10 کان وڌيڪ وارداتون ٿي چڪيون آھن پر پوليس ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو آھي. ھنن چيو تہ ٺٽي شھر ۾ ڏوھي وارداتن ۾ تيزي سان اضافو اچي رھيو آھي، جنھن جي ڪري رھواسين جو ڦرجڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي. ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي واري علائقي مان گذريل ھڪ ھفتي اندر شھرين جي گھرن ۽ دڪانن مان 10 کان وڌيڪ چوري جون وارداتون ٿيون آھن، ڦريل شھرين پاران ٺٽي ٿاڻي تي رپورٽون پڻ داخل ڪرايون ويون آھن پر ٺٽو پوليس ھڪ بہ چوري واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي. ھنن موجب ڊاڪٽر گلي جي شاھ ڪمال واري علائقي مان قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر ممتاز شيخ جي گھران 2 ڀيرا، غلام قادر تارو جي گھران 2 ڀيرا، وحيد سومرو جي دڪان ۽ گھر مان چوري، غلام حسين ڪنڀر جي گھر مان چوري جون وارداتون ٿيون آھن، چور گھرن مان الھ تلھ ٻھاري ويا آھن. ھنن وڌيڪ چيو تہ ٺٽي شھر ۾ بدامني جي وڌڻ جو سبب منشيات جو عام ٿيڻ آھي، ٺٽي ۾ منشيات کلي عام ھلڻ سبب نوجوان تيزي سان منشيات جا عادي بڻجي ويا آھن، پوليس صرف منشيات جي اڏن تان منٿلي وٺڻ ۾ مصروف آھي، ڊاڪٽر گلي مان ٿيل چوري جي وارداتن بابت حد جي ٿاڻي تي رپورٽون داخل ڪرايون آھن پر پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو شهر
قيو اي ٽي اڳواڻ
QAT
0 تبصرے