English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
156 views
|
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
13 جنوري تي اورنگزيب گهر ڏانهن آيو ته پوليس کيس گرفتار ڪيو، آزادي لاء 2 لک گهري ورتا: وارث
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)2 لک رشوت نه ڏيڻ تي اجميرنگري پوليس مزدوري ڪندڙ نوجوان اورنگزيب کي هاف فرائي ڪري ڇڏيو واقعي خلاف وارثن عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي شفاف نموني جاچ جو مطالبو ڪيو آهي نوجوان جي ڀاء دلبر علي پٽ محمد صالح ڪراچي جي شهباز ڳوٺ ۾ وڪيل ساجد رضا رند سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 13 جنوري 2025ع تي پورهيت اورنگزيب مزدوري ڪري دوست سميت گهر ڏانهن واپس اچي رھيو ته اجمير نگري پوليس کين روڪي ورتو ۽ ٻنھي نوجوانن کي پوليس ٿاڻي کڻي وئي جٿي پوليس نوجوانن کي چيو ته اوهان تي ايف آئي آر آهي اها ڪليئر ڪرايو سندس ڀاء ٻڌايو ته ساڳي رات ٿاڻي تان فون آئي ۽ مون کي گهرايو ويو ته اسان پنهنجي وڪيل سان گڏ 15جنوري تي رات جي 9 وڳي کان 12 وڳي تائين اتي موجود هئاسين منهنجي اورنگزيب سان ملاقات به ڪرائي وئي بعد ۾ ايس ايڇ او سرفراز شوٽر 2 لک روپيه گهريا ته 2 لک ڏئي پنهنجو ڀاء وٺي وڃو جنهن تي اسان ٻڌايو ته سائين اسان غريب آهيون مزدوري ڪري ٻارڙن جو پيٽ پاليون ٿا ايتري رقم ناهي ايس ايڇ او جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايتري رقم ناهي ته تنهنجي ڀاء کي آء هاف فرائي ڪري ڇڏيندس ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل موڪلي ڇڏيندس. جنھن تي آء پنھنجي وڪيل جي معرفت 16 تاريخ تي ڪورٽ ۾ پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ۽ واپس ٿاڻي تي پھتاسين ته ڊيوٽي آفيسر ٻڌايو ته 16 جنوري صبح جو سوير پوليس مقابلي ۾ اوھان جي ڀاء کي هاف فرائي ڪيو ويو آھي. پوليس اسان سان ظلم ڪيو آھي منھنجي ڀاء کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي معذور ڪيو آھي. هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس آئي جي سنڌ ايڊيشنل آئي جي ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
اجمير نگر پوليس
0 تبصرے