English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: عبدالله ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بجلي، پاڻي ۽ گئس جي بندش خلاف ڌرڻو
views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
رهواسين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) پاڻي، بجلي ۽ گئس جي بندش خلاف عبدالله ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي احتجاج ڪندا قومي شاهراه تي نڪري آيا، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، روڊ بند، ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، اٺن ڏينهن کان پاڻي، بجلي ۽ گئس بند آهي، انتهائي اذيت مان گذري رهيا آهيون، ابراهيم حيدري ٽائون جي اربين رپين جي بجيٽ هوندي بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، رهواسي تفصيل موجب عبداللہ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ جن معصوم ٻارڙن جي اڪثريت هئي پاڻي، بجلي ۽ گئس جي بندش خلاف احتجاج ڪندا قومي شاهراهه تي نڪري آيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ته پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ پاڻي، بجلي ۽ گئس اڻ لڀ آهي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گهر ۾ رڌ پچاء به نٿو ڪري سگهجي جنهن سبب معصوم ٻارڙن بک تي اسڪول ۽ وڏن کي به بغير کاڌي پيتي جي ڊيوٽين تي وڃڻو ٿو پوي، پاڻي نه هجڻ سبب مسجدن ۾ نمازي به وضو ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون جي 4 ارب رپيا بجيٽ هوندي اسان انساني بنيادي سهولتن کان محروم آهيون هنن مطالبو ڪيو ته مسئلا حل ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
عبدالله ڳوٺ
0 تبصرے