English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 14 زخمي
views
|
02nd May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد لڳ لنڪ روڊ وٽ المناڪ حادثو، سکر کان ڪراچي ايندر تيز رفتار مسافر بس بي قابو ٿي ڪلٽي، ھڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت, ٻن ٻارڙن سميت 14 مسافر زخمي، ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهات پئجي ويا، پر پاسي جي ڳوٺاڻن ۽ ريسڪيو رضاڪارن ڪرين ذريعي بس مان ماڻهن کي ڪڍي فوتي ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو تفصيل موجب گلشن حديد لنڪ روڊ سمندري بابا مزار ويجهو صبح ڌاري سکر کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار مسافر بلوچ ڪوچ بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار ھڪ عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا فوتين ۾ 35 وررهين جي ڪوثر زال سعيد، 25 ورهين جو غلام فريد پٽ ياسين ، 59 وررهين جو عبدالغفور پٽ محمد اسماعيل ۽ 30 ورهين جو غلام سرور پٽ محمد علي فوت ٿي ويا جڏھن ته 14 ورهين جي معصوم ٻارڙي مصباح ڌيء وحيد علي 5 وري هڻي جو اويس پٽ وحيد علي 28 ورهين جو عبدالغني 37 وررهين جو محمد افضل پٽ محمد اشرف 45 ورهين ضمير حسين پٽ رزاق ملاح 32 ورهين جو سنگھار علي 28 وررهين جو ڪاشف خان پٽ ناصر خان 19 ورهين جو ڪاشف 30 وررهين جو غلام سرور 25 وررهين جو نواز علي پٽ محمد علي 20 ورهين جو بس ڪنڊيڪٽر سجاد پٽ محمد طارق زخمي ٿي پيا ان دوران ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا رڙين تي پر پاسي جي ڳوٺاڻن پهچي مسافرن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر بس اونڌي ٿيڻ سبب ڏکيايون پيش آيون ان دوران ريسڪيو رضاڪار پهچي ويا جن زخمين ۽ فوتين کي ڪرين زريعي بس کان ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال منقل ڪيو ان کان اڳ ريسڪيو ڪاروائي دوران زخمي روڊ تي تڙپندا رهيا ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته بس اونڌي ٿيڻ سبب ڪرين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو ۽ پرپاسي جو ڳوٺن ۾ ڪا سرڪاري اسپتال هجي ها ته وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ها
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گلشن حديد
0 تبصرے