بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

صحت کاتي جي ٽيم جاھڱورجا جي ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتا ڇاپا

سنڌي خبرون 01st Apr 2026 317 مناظر
صحت کاتي جي ٽيم جاھڱورجا جي ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتا ڇاپا

ٽيم چاپن دوران ڪجهه ميڊيڪل اسٽورن تان غير معياري ۽ مدي خارج دوائون ھٿ

ھڱورجا(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر جي ھدايتن تي صحت کاتي جي ٽيم جا ھڱورجا جي ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتا ڇاپا . ٽيم پاران چاپن دوران ڪجھ ميڊيڪل اسٽورن تان غیرمعياري ۽ مدي خارج دوائون ھٿ . تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر برڪت ڪانھر جي ھدايتن تي اي ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر شاھد حسين خاصخيلي حضور بخش ميمڻ ھنڱورجا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امتياز وساڻ جي سربراھي ۾ صحت کاتي جي ٽيم ھنڱورجا جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتا ڇاپا ھنيا ويا ڇاپن دوران ڪجھ ميڊيڪل اسٽورن تي غيرمعياري ۽ اڻ رجسٽرڊ ڪمپنين جون دوائون وڪرو ٿيڻ ۽ مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي صحت کاتي جي ٽيم ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شاھد خاصخيلي ۽ حضور بخش ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ت ميڊيڪل اسٽورن تي غيرمعياري دوائون وڪرو ٿيڻ جي عوامي شڪايتن تي ڇاپا ھنيا آھن جنھن ب ميڊيڪل اسٽورن غيرمعياري دوائون توڙي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جا ثبوت مليا آھن انھن اسٽورن جي خلاف ڪارروائي لاء ڊي ايڇ او خيرپور جي رپورٽ ڏني ويندي ھنن چيو ت ميڊيڪل اسٽورن جا لائسنس ب چيڪ ڪيا ويا آھن ميڊيڪل اسٽورن تي غيرمعياري دوائون وڪرو ٿيڻ سان انساني جانين کي نقصان رسي ٿو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ