منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

پي ٽي وي تي پهرين سنڌي ٻولي واري مارننگ شو کي سال پورو

سنڌي خبرون 05th Sep 2023 291 مناظر

اسد قريشي، اسلم ڀٽُ، سليم جان رند، ليلا نثار، تانيا خان ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي (شوبز نيوز) پي ٽي وي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ مارننگ شو جنھن کي خير سان سال پورو ٿي ويو. ان موقعي تي سموري سٿ ۽ ناليوارن فنڪارن پروگرام جي ميزبان سائره علي خان سان گڏجي سھڻي نموني جشن ملھايو ويو ۽ ڪيڪ پڻ ڪٽيو. ويو پروگرام ۾ ناليواري اداڪارن اسد قريشي ـ اسلم ڀٽو ـسليم جان رند ـ ليلانثار، تانيا خان ، ثمينا خان، عابدا علي(رڌڻي جي راڻي) ـ ڪرن ناز (ڊريس ڊزائينر) ـ ارم ضياء(موٽيويشنل اسپيڪر) ، فٽنر صائمه عرفان ، راڻي آپا (بيوٽيشن)، سينئير صحافي ميزبان سھڻي پارس ـ ڪئيمرا مين ۽ سوشل ميڊيا سنڀاليندڙ عمران ملڪ ـ اسسٽنٽ منور چنه ، ـسيٽ ڊزائينر فيصل ڪٽپر ـ فنڪارن ۾ لوڪ فنڪاره مھتاب بلوچ ـ نوجوان راڳي سھيل شامل ٿي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ـ ان خوبصرت محفل ۾ جنرل مئنيجر پي ٽي وي نيشنل محمد هارون جمالي ۽ پروگرام مئنيجر خرم عزيز خان پڻ شرڪت ڪئي. آيل مهمانن مورننگ شو جي ميزبان کي گھڻو ساراھيندي دعائون پڻ ڏنيون. انهن جو چوڻ ھو ته پي ٽي وي تان سنڌي ۾ مارننگ شو جي صورت ۾ نئين تاريخ لکڻ ۾ وڏو ڪردار ڊائريڪٽر آئي آر ۽ پي ٽي وي نيشنل مختيار علي لغاري جو آھي جن جي ڪوششن سان اھو سڀ ممڪن ٿي سگھيو ۽ ميزبان سارئره علي خان ان کي سھڻي نموني نڀايو ۽ نڀائيندي رھندي ـ مھمانن جو مختيار لغاري صاحب جا به ٿورا مڃيا جن جي ڪوششن سان سنڌي ماڻھو پي ٽي وي تي سڄو ھفتو پورا ٻ ڪلاڪ سنڌي ۾ پروگرام ڏسي سگھنداـ
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ