بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪشمور ۾ شر ڌر جي هٿياربندن هٿان ڪوش ڌر جا 3 ڄڻا قتل، 2 زخمي

سنڌي خبرون 03rd Jul 2023 92 مناظر

شر ڌر گوليون هڻي ميهوال، بچل ۽ ببل ڪوش کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور جي گيهلپور ڪچي واري علائقي ۾ ڪوش ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان شر برادري جي ھٿياربندن ڪوش ڌر جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پيءُ پٽ زخمي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ پٺاڻ ڪوش واسي ميھوال ڪوش، بچل ڪوش ۽ ببل ڪوش مارجي ويا جڏهن ته ببل ڪوش جو والد دلاور ۽ ڀاءُ سخي زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ڪجهه وقت اڳ شر برادري جي ماڻهن ڪوش برادري جي ھڪ مينھن چوري ڪئي ھئي جنھن جي چوري شر برادري طرفان تسليم ڪئي ھئي ۽ مينھن واپس ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائ وئي هئي ڪافي وقت گذرڻ باوجود شر برادري طرفان مينهن واپس نه ڪرڻ تي ڪوش برادري طرفان مينهن چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڌر جي گهر تي چڙهائي ڪري پنڌرنھن کان وڌيڪ مينھون ڪاھي آيا جنهن بعد سنڌو درياهه پار ويٺل شر برادري جي ھٿياربندن اڄ ڪوش برادري جي گهرن مٿان چڙهائ ڪري حملو ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ