اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ حيسڪو جو بجلي چورن ۽ رھتون ادا نھ ڪندڙڻ خلاف ڪريڪ ڊائون

سنڌي خبرون 13th Sep 2023 149 مناظر

بجلي چورن خلاف ڪارروائين دوران بجلي جا ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ حيسڪو طرفان شهر اندر غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن هلائيندڙن خلاف ڪري ڊائون شروع.سجاول ۾ حيسڪو عملي طرفان ايس ڊي او امتياز گل بروهي ۽ سپريڊنٽ لائين مين شيرزمان سهتو جي اڳواڻي ۾ شهر واسين کي اطلاع ڪيو پيو وڃي ته ٽن ڏينهن اندر پنهنجي بجلي جا بل جمع ڪرائين ۽ جيڪا به غير قانوني ڪنيڪشن لڳل آھن انهن کي هٽائي ميٽر لڳايا وڃن ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.ايس ڊي او امتياز گل بروهي ۽ سپريڊنٽ شيرزمان سهتو چيو ته چورن کي بجلي چوري هلائڻ هرگز نه ڏينداسين؛ بجلي هلائڻ لاء شهري قانوني طريقي سان بجلي جو ميٽر وٺڻ لاء اسان جي آفيس اچن ڪو به غير قانوني ڪنڊو ڪنيڪشن ۽ بجلي چوري ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪبي انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ