جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏهرڪي ويجهو گذريل ڏينهن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جو لاش نه ملي سگهيو

سنڌي خبرون 27th Sep 2023 126 مناظر

اسان پسند جو پرڻو ڪيو هو، مون کي پٽ سميت گرفتار ڪرائڻ بعد گهرواري کي قتل ڪيو ويو: جمال مهر

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ آڌي بنگلو ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل عورت جو لاش نه ملي سگهيو، سندس مڙس جمال مهر جو چوڻ آهي ته اسان ٻنهي پسند جو پرڻو ڪيو هو، مون کي پٽ شفيق سميت ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ بعد زال سلميٰ کي جوابدارن گهٽا ڏئي ۽ پاڻي ۾ ٻوڙي قتل ڪرڻ بعد لاش بنا غسل ڪفن جي دفنائي ڇڏيو، سوشل ميڊيا جي خبرن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي مقتولا جي مڙس جمال مهر ۽ سندس پٽ شفيق کي آزاد ڪرائي ڇڏيو، سرڪار جي مدعيت ۾ شبو مهر، الهبچايو مهر سميت 6 ڄڻن خلاف اوٻاوڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو، پوليس جو چون آهي ته مقتولا جي لاش جي ڳولا جاري آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ