بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، پاڪستان اسٽيل ملز جو ملازم مارجي ويو

سنڌي خبرون 14th Oct 2026 2 مناظر
شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، پاڪستان اسٽيل ملز جو ملازم مارجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 17-A ۾ منگل بازار ڀرسان مبينا ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي ويو پوليس موجب مارجي ويل شهري جي سڃاڻپ توصیف ولد بشير احمد طور ٿي آهي، جنهن جي عمر 30 سال ٻڌائي وڃي ٿي اطلاعن موجب توصیف پاڪستان اسٽيل ملز جي پي ڊي اين (PDN) شعبي ۾ ملازم هو واقعي جي اطلاع ملڻ تي امدادي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ مارجي ويل شهري جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ