جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي اسان سنڌ کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين: مولانا راشد محمود سومرو

سنڌي خبرون 16th Feb 2024 363 مناظر

سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي اسان سنڌ کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين: مولانا راشد محمود سومرو

ڄامشورو: جي ڊي اي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو تھ سورھيھ بادشاھ جي واقعي کي ٻيهر دهرائڻ جو وقت اچي ويو آهي سوره بادشاھ انگريزن کي ڀڄايو اسان هنن کي ڀڄائينداسين هن لکين ماڻهون کي گڏ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪي سنڌ کي پنهنجي پي جي جاگير ٿا سمجهن انهن کي ٻڌائڻ آهي هي ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي اسان سنڌ کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين واعدو آهي ته منزل تي پهچڻ کان اڳ سڪون سان گھر ۾ نه ويهنداسين مراد شاھ جي پيش ڪيل بجيٽ موجب اربين رپيا سنڌ جي تعليم تي خرچ ڪيا ويا پر صورتحال ناهي بدلي 71 ارب کان وڌيڪ پيسا گلين مان گند کڻڻ تي خرچ ڪيا ويا يان وري ساڳين پيسن مان اليڪشن ڪميشن کي خريد ڪيو ويو اسان اسيمبلي وينداسين ۽ اسيمبلي جو گهرا ڪنداسين اڄ اعلان ٿا ڪيون ته ڪنھن کي وزير اعلي نه ٿيڻ ڏينداسين اگر ڪو وزير اعلي ٿيو ته حڪومت کي هلائڻ نه ڏينداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ