اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

اسرائيل فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي: نذير چنا

سنڌي خبرون 17th Jun 2025 265 مناظر
اسرائيل فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي: نذير چنا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسرائيل عالمي قانون کي ٿڏي غازه فلسطين ۾ ظلم جي انتها ڪري معصوم ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن کي قتل ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن خلاف سنڌ جي دانشور منصور حلاج فائونديش جي چيئرمين نذير چنا عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان رفعه جي بارڊر تي اسرائيل جي ظلم خلاف ڌرڻو هڻندڙ سان يڪهجهي طور هڪ ڏينهن جو علامتي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رفعه جي بارد تي الجزائر،لبيا،تيونس ،مراڪو ٻين ملڪن جا هزارين ماڻهو ڌرڻو هڻي غازه ۾ قتل عام خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن جن ممڪن حد تائين اسان کي به آواز سان آواز ملائڻ گهرجي هن چيو ته گريٽر اسرائيل جي خواب جي ساڀيان لاءِ اسرائيل فلسطين، شام، لبنان ۽ هاڻي ايران تي مختلف جواز گهڙي حملو ڪري ڏنو آهي جنهنجو مقصد اسرائيل ايران ۾ ڪاميابي بعد رجيم تبديل ڪري پنهنجا من پسند حڪمران آڻي اڏا قائم ڪرڻ گهري ٿو جيڪڏهن ايران تي حملي بعد رجيم تبديل ڪرڻ وارو اسرائيل جو خواب ساڀيان ٿيو ته پاڪستان چين سميت ٻين عرب ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندو هن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي ٻنجو ڏئي دنيا کي ٽين عالمي جنگ بچايو وڃي ملير، سنڌ جو دانشور منصور حلاج فائونديش جو صدر نذير چنا غازه سان يڪجهتي طور پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ