ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رڪارڊ قانون منظور ڪرايا آهن: شهلا رضا

سنڌي خبرون 29th Aug 2023 209 مناظر

اڳوڻي صوبائي وزير شهلا رضا جي پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ شهلا رضا جي دريا خان رند ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات ۾ ارشاد ناريجو۔راجه خان ناريجو ۔احمد عالماڻي۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائنيدي شهلا رضا چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رڪارڊ قانون منظور ڪرايا آهن هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو جي شڪريو ادا ڪري ٿي جنهن کيس عزت ڏني آهي، ان موقعي تي حسين بخش ناريجو ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ميڊم شهلا رضا جي سهڪار جي شڪر گذار آهي، جن جي ڪوششن سان نادرا موبائل وين شروع ٿي آهي. ۽ عوام کي بنا ڪنھن رنگ نسل جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا وڃن پيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ