اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

ميھڙ قتل ڪيس ۾ قمبر جي چانڊين منھنجو نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ام رباب کي ڏٺو ئي ناھي: نادر مگسي

سنڌي خبرون 04th Oct 2023 356 مناظر

قمبر وارن منهنجي خلاف رستو کوليو آهي ته هاڻي پاڻ به منهن ڏيندا؛پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي

شھدادڪوٽ: پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي مير نادر مگسي شھدادڪوٽ سول اسپتال جو دورو ڪيو
ان موقعي تي ھن سھولتن جو جائزو پڻ ورتو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ ميهڙ ويجهو مارجي ويل غلام سرور چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ”قمبر وارن“ جي چوڻ تي منهنجو نالو ڏنو ويو،
اُم رباب جي ڪڏهن شڪل به نه ڏٺي آهي، چانڊين جي چڱن مڙسن خلاف ام رباب جي ڪڏهن به مدد نه ڪئي آهي،
تازو چانڊيا پاڻ ۾ وڙهيا ته هنن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ وارو هو، مون چڱن جو نالو ايف آءِ آر ۾ اچڻ نه ڏنو
قمبر وارن منهنجي خلاف رستو کوليو آهي ته هاڻي پاڻ به منهن ڏيندا، هنن کي خبر پئجي ويندي،
ميهڙ ويجهو قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي وارثن پاران ايف آءِ آر ۾ نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، وارثن جي مطالبي باوجود پوليس ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جو نالو شامل نه ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ