جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايم پي اي مخدوم فخر الزمان جي ملاقات

سنڌي خبرون 27th Feb 2026 312 مناظر
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايم پي اي مخدوم فخر الزمان جي ملاقات

مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو: وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مٽياري جي صوبائي اسيمبلي ميمبر مخدوم فخر الزمان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ، مٽياري ضلعي جي ترقياتي منصوبن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ، پارلياماني سيڪريٽري گهرو مخدوم فخر الزمان جي افغان تڪرار جي تناظر ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ بابت آگاهي ڏني، ان موقعي تي مٽياري جي صوبائي اسيمبلي ميمبر مخدوم فخر الزمان چيو تھ افغان تڪرار جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جي شهرين جي سيڪيورٽي کي اولين ترجيح ڏني ويندي، ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھھ چيو تھ مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو ڏوهارين عنصرن خلاف اثرائتي ۽ سخت ڪارروائي لاءِ پوليس کي واضح هدايتون جاري ڪيون وينديون مٽياري ۾ جاري ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ڪيا ويندا صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) 2026-27 ۾ مٽياري جي اسڪيمن کي ترجيح ڏني ويندي اوڊيرو اسٽيشن اسپتال کي سنڀالڻ تي غور ڪيو وڃي عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ