بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي سال بعد نوادرات کاتي پاران نوان ٺيڪا ڏيڻ لاء ٽينڊر کوليا ويا

سنڌي خبرون 29th Nov 2023 366 مناظر

سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي سال بعد نوادرات کاتي پاران نوان ٺيڪا ڏيڻ لاء ٽينڊر کوليا ويا

موهن جو دڙو(رپورٽر) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي هڪ سال مڪمل ٿيڻ بعد نوادرات کاتي پاران نوان ٺيڪا ڏيڻ لاء ٽينڊر کوليا ويا. جنهن مطابق موهن جو دڙو جي مکيہ گيٽ، ميوزيم ، هٿ جي هنر جي دڪان، ڪئنٽين، پارڪنگ ۽ فاسٽ فوڊ جي دڪانن جا ٽينڊر ڊاريڪٽر آرڪيالاجي عبدالفتاح شيخ جي ڪراچي جي آفيس ۾ کوليا ويا. وڌيڪ واڪ ڏيڻ تي 44 لکن ۾ مکيہ گيٽ ۽ ميوزيم جو ٺيڪو ۽ گاڏين جي پارڪنگ جو ٺيڪو 10 لکن ۾ ٺيڪيدار غلام شبير کي ڏنو ويو، هٿ جي هنر جي دڪان ۽ ڪينٽين جو ٺيڪو انور علي سولنگي کي 4 لکن ۾ ڏنو ويو. جڏهن تہ فاسٽ فوڊ جي 2 دڪانن جو ٺيڪو ڪاشف سومرو کي 5 لکن ۾ ڏنو ويو. ان ڏس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو وڌيڪ رقم جو واڪ ڏئي ٺيڪا کڻڻ تي نون ٺيڪيدارن کي قبضن جو ليٽر جاري نہ ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ٺيڪيدار غلام شبير جهتيال ميڊيا کي ٻڌايو تہ هنن 10 سيڪڙو مجموعي رقم جو ڊرافٽ طور ۽ هڪ قسط ايڊوانس جمع ڪئي آهي پر ان جي باوجود نوادرات کاتي طرفان کين قبضن جو ليٽر جاري نہ ڪيو آهي. جڏهن تہ ٺيڪن وارن هنڌن تي پراڻا ٺيڪيدار قابض آهن. هوڏانهن موهن جو دڙو تي عام ماڻهن لاء آثار ۽ ميوزيم گهمڻ لاء في ماڻهو 30 رپين مان وڌائي 50 رپيا ٽڪيٽ مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن تہ في پرڏيهي ماڻهن لاء 3000 مقرر ڪئي وئي آهي. ٺيڪيدار غلام شبير جهتيال ڊي جي نوادرات منظور احمد قناصرو کان گهر ڪئي آهي تہ کين پهرين ڊسيمبر کان ٺيڪن وارن هنڌن جي قبضي لاء ليٽر جاري ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ