منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 17th Sep 2023 53 مناظر

سنڌ سان پاڻي، وسيلن ۽ آدمشماري جي مسئلن تي زيادتي پئي ٿي

حيدرآباد:قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سنڌ جي اھم مسئلن تي ڌيان ڏي، سنڌ سان پاڻي، وسيلن ۽ آدمشماري جي مسئلن تي زيادتي پئي ٿي. سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.
اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا، سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ تي حملو ڪرايو،
پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ۽ سندس ٽولو آهي
جنھن مسلسل گذريل پندرهن سال کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪئي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو نہ رھيو.
اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان دوکو ڪيو. انهن جي حقن، اميدن ۽ خوابن تي ڌاڙا ھنيا ۽ ويساھ گهاتي ڪئي. پيپلزپارٽي پنهنجي پندرهن سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي دسي, ڪيرائي ۽ سڀ ڪجھ تباه ڪري هاڻي وري تير بجا تير تي ڊانس پيا ڪن! تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جا ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ا
ياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي عوام ۽ اسانجي ايندڙ نسلن جون زمينون تيزي سان مختلف بااثر فردن، حڪمرانن، پرائيوٽ ڪمپنين، ڪارپوريٽ سيڪٽر، اليگل اميگرنٽس ۽ ٻاھران آيل انويسٽرز کي مفت ۾ يا ڀڳڙن مُٺ تي ڏنيون. پيپلز پارٽي ڪرپٽ زرداري مافيا ٽولو اسانجي ابن ڏاڏن جي ملڪيتن کي تين وال ڪري ڇڏيون. اسين مقامي ڌرتي ڌڻي انھن ئي ڦوروئن ۽ غدارن کي ھر دفعي ووٽ ڏئي بار بار حڪمران چونڊيون ٿا ۽ خوشيءَ مان جھمر ھڻي ٽپا ڏيون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھن.
ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آهن ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻهن کي ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ