ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو ڀرسان سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران غريبن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو

سنڌي خبرون 02nd Jan 2025 293 مناظر
مورو ڀرسان سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران غريبن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو

حاجي خالد حسين ٻگھيو غريب، مسڪين ۽ يتيم ٻارڙن ۾ گرم ڪپڙا، چپل ۽ بوٽ پارايا

مورو (رپورٽر) مورو ڀرسان چوٿين ميل نيشنل هائي وي ايمان پيٽرول پمپ تي سيلاني ويلفير ٽرسٽ پاران ناليواري سماجي شخصيت حاجي خالد حسین ٻگھيو علائقي جي غريب، مسڪين ۽ يتيم ٻارڙن ۾ سرديءَ کان بچاءَ جا ڪپڙا، ٻارڙن کي چپل ۽ بوٽ پارايا، انهن غريب ٻارڙن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارڙن کي سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي دسترخوان ۾ ماني پڻ کارائي وئي۔ ان موقعي تي سماجي شخصيت حاجي خالد حسین ٻگھيو صحافي جاني جماڻي سان ڳالهئندي چيو تہ اسان غريب، مسڪين، بي سهارا ماڻهن ۽ ٻارڙن جي خدمت ڪري خوشي محسوس ڪندا آهيون، معصوم ٻار جيڪي سردي ۾ تڙپي رهيا هئا انهن کي گرم لباس پارايو ويو ۽ پيرن ۾ گرم بوٽ پارايا ويا آهن تہ جيئن ٻارڙا سردي کان بچي سگهن۔ حاجي خالد حسين ٻگهيو وڌيڪ چيو تہ اسان هميشہ غريب ماڻهن ۽ غريب ٻارڙن جي هر ڏک ۽ سک ۾ سار لڌي آهي، انهن کي ڪڏهن بہ وساريو نہ آهي ۽ هيءُ خدمت جو اهو سلسلو تاحيات جاري رهندو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ