بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

شھدادپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڄڻو ھاف فراءِ

سنڌي خبرون 13th Sep 2023 92 مناظر

ٽالپر رستي وٽ مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو: پوليس جي دعويٰ

شھدادپور (رپورٽر) شھدادپور ڀرسان ٽالپر رستي وٽ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، زخمي جوابدار جي سڃاڻپ کڏ پاڙي واسي پير بخش ڀٽي طور ٿي، کيس سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو ايس ايڇ ايڇ او شــھدادپور غلام شبير دلواڻي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته ٽالپر رستي وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 3 جوابدارن گشتي پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ ھالا روڊ کڏ پاڙي جي رھواسي پيربخش ڀٽي طور ٿي سندس ٻھ 2 ساٿي لالو باگراڻي ۽ منظور بروهي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا جوابدار وٽان ٽي ٽي پسٽل برآمد ٿيو. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ هالا چوڪ تان ٽرڪ چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد آهي. جوابدار ڦر، ڌاڙن، چوري سميت 10 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل آهي گرفتار جوابدار کي طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، مٿس شھددپور ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ، ناجائز هٿيار جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ