پیر، 28 ستمبر 2026
بریکنگ

گڏاپ واسي نوجوان 20ڏينھن کان پراسرار نموني گم

سنڌي خبرون 20th Aug 2023 75 مناظر

خدشو آھي تھ نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آھي، نوٽيس ورتو وڃي: وارث

گڏاپ (رپورٽر) سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان ويھ ڏينھن اڳ گم ٿي ويل نوجوان جو ڏس پتو نه پئجي سگھيو. وارث پريشان. اعلي اختيارين کان نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل. تفصيل موجب سھراب ڳوٺ ٽائون جي علائقي جمالي ڳوٺ جي رھائشي مير گل جمالي جو نوجوان پٽ گل محمد جمالي ويھ ڏينهن گزرڻ باوجود ھٿ نه اچي سگھيو. وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ان حوالي سان نوجوان جي والد مير گل جمالي ٻڌايو ته ويھ ڏينھن اڳ منھنجو پٽ گھر مان سامان وٺڻ لاء نڪتو جيڪو ھن مھل تائين واپس ناھي آيو. ھن چيو ته پٽ جي ڳولا لاء مٽ مائٽن توڙي سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي درخواست پڻ جمع ڪرائي آھي پر نوجوان جو ڪٿي ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. ھن چيو ته سندس کي شڪ آھي ته سندس پٽ کي ڪنھن اغوا ڪيو آهي. ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ