جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن 11 ڄڻن کي ڏاڙھي ڇڏيو

سنڌي خبرون 06th Nov 2023 48 مناظر

شھرين پاران انتظاميھ کان رولو ڪتن خلاف مھم ھلائڻ جو مطالبو

لاڙڪاڻو(بيورو)لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، رولو ڪتن ڏاڙهيل زخمين ۾ 45 ورهين محمد ايوب 55 ورهين شمس الدين 21 ورهين جو غلام مرتضي 21 ورهين سڪينه خاتون 65 ورهين جو علي خان 10 ورھين جي بيبي رباب 7 ورهين جي شغل خاتون سميت ٻيا شامل آهن سمورن زخمين کي وارثن ڌار ڌار کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم ويڪسين سينٽر تي منتقل ڪيو جتي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو ان حوالي سان سينٽر عملي جو چوڻ آهي ته ڪتي ڏاڙهيل زخمين جو تعلق شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان آهي جن کي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي ٻئي طرف زخمين جي وارثن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڪتا مار مهم شروع ڪري رولو ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ