ھڱورجا قومي شاھراھھ تي حادثن ۾ عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي
هڱورجا(رپورٽر)قومي شاهراهه تي ٻن الڳ الڳ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ خيرپور واسي عورت پروين سيال فوت ٿي وئي، جڏهن تہ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.تفصيل موجب هنڱورجا قومي شاهراهه تي راڻو خان سولنگي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور واسي عورت پروين سيال ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اشفاق سيال زخمي ٿي پيو.ٻئي واقعي ۾ هنڱورجا ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ حليمان لھر ۽ شمن لھر زخمي ٿي پيا.ٻنهي حادثن جي زخمين کي علاج لاءِ هنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعن جي اطلاع تي هنڱورجا پوليس حادثن وارن هنڌن تي پهچي تفصيل معلوم ڪيا، جڏهن ته هڪ حادثي ۾ ملوث ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت موقعي تان فرار ٿي ويو.آخري اطلاعن تائين ٻنهي روڊ حادثن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا.