دوڙ ڀرسان ڳوٺ دولو ۾ ڪامريڊ ۽ سينيئر صحافي عبداش پنهور جي چاليهي جي تقريب
تقريب ۾ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻيا شريڪ
دوڙ (رپورٽر) دوڙ ڀرسان ڳوٺ دولو ۾ ڪامريڊ سينيئر صحافي عبداش پنهور جي چاليهي جي موقعي تي تعزيتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، ڪامريڊ سارنگ ڄام، سخي غلام حسين خاصخيلي، ڪامريڊ علي بخش لغاري، ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، مشتاق پرهيار، عبدالخالق، عبدالسيد، علي حيدر شاهه جيلاني، گلبهار مري، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، بادل بروهي، فيروز لغاري، جسقم شهيد بشير خان، طاهر زرداري، منتظر وڳڻ، سعيد خاصخيلي، استاد شاهه محمد بروهي، ڪرم علي جمالي، سگهڙ اعظم منڱريو، سٺ ميل جي صحافي حاڪم لنڊ، پريس ڪلب دوڙ جي صحافي راشد لاشاري، بابر علي وساڻ نياز حسين عباسي ۽ ڊولھڻ ڏاهري سميت سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران مرحوم ڪامريڊ عبداش پنهور جي صحافتي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن سندس جدوجهد، اصول پسندي ۽ عوامي حقن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مرحوم جي وڇوڙي سان صحافت ۽ عوامي جدوجهد ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هنن مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا پڻ گهري.