جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ڌاٻيجي واسڻ معصوم ٻارڙي سان سان مبينا زيادتي

سنڌي خبرون 12th Jul 2026 130 مناظر
ڌاٻيجي واسڻ معصوم ٻارڙي سان سان مبينا زيادتي
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڌاٻيجي مارڪيٽ جي رهواسي غلام محمد اعواڻ پنهنجي 10 ورهين جي نياڻي سان مبينا زيادتي جو الزام، والد جو چوڻ آهي ته جوابدار جيڪو سندن سڃاڻپ ۽ دوستي جي رشتي ۾ آھي نينگري کي مبينا طور نشي آور گوريون کارائي ساڻس زيادتي ڪئي. متاثر ٻارڙي جي والد سخت ڏک جو اظهار ڪندي جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي موجب نينگري کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معاملو پوليس وٽ داخل ٿيڻ سبب قانوني ڪارروائي ۽ ضروري ميڊيڪل جاچ مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ علاج جو عمل جاري رکيو ويندو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سرڪاري طور الزام جي تصديق يا ترديد اڃا سامهون نه آئي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ