جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ پنجاب جي دنگ وٽ ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 26th Nov 2025 422 مناظر
سنڌ پنجاب جي دنگ وٽ ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

مارجي ويلن جي سڃاڻپ لاهور واسي سيد علي رضا ۽ پرويز امين بلوچ طور ٿي آهي: پوليس

رائونتي (رپورٽر) رائونتي ڀرسان پنجاب نور شاهه واري علائقي سرحدي پٽي وٽ پنجاب صادق آباد سي سي ڊي پوليس جي مبينا مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته انهن ٻنهي مارجي ويلن ڏوهارين جا لاش رائونتي ٿاڻي تي کڻائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن اسان جو ڏوهارين سان مقابلو ڪندي رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ پيش ايو آهي، سي سي ڊي پوليس، رائونتي،مارجي ويلن جي سڃاڻپ لاهور واسي سيد علي رضا، پرويز امين بلوچ طور ٿي آهي جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ڪجهه ڏينهن پهرين سي سي ڊي پوليس جي حراست ۾ هئا جن کي ڦل فرائي ڪري ماري ڇڏيو آهي، رانوتي پوليس موجب پنجاب پوليس ڪارروائي دوران ڏوهاري مارجي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ اسان جاچ ڪري رهيا آهيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ