بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

پاڪستان ۾ جنسي زيادتين جا انگ اکر: انصاف جي نظام جي سنگين ناڪامي

آرٽيڪلز/ کالمز 25th Nov 2026 3 مناظر
پاڪستان ۾ جنسي زيادتين جا انگ اکر: انصاف جي نظام جي سنگين ناڪامي

اسحاق سومرو

ڊسمبر 2021ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ اهڙو قانون منظور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ملڪ اندر جنسي زيادتي جي ڪيسن جي جاچ ۽ عدالتي ڪارروائي واري نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ هو. ان قانون تحت خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اميد ڪئي وئي هئي ته اهي چئن مهينن اندر ڪيسن جا فيصلا ٻڌائينديون. پر لڳ ڀڳ پنج سال گذرڻ باوجود زميني حقيقتون ۽ سرڪاري انگ اکر هڪ مختلف تصوير پيش ڪري رهيا آهن.
سال 2021ع کان 2026ع جي وچ تائين ملڪ جي چئني صوبن ۾ جنسي زيادتي سان لاڳاپيل پنج مختلف قسمن جي ڏوهن جا مجموعي طور 47 هزار 452 ڪيس داخل ٿيا، پر انهن مان سزا ماڻيندڙ جوابدارن جو انگ انتهائي گهٽ آهي. هزارين ڪيس يا ته خارج ڪيا ويا آهن يا اڃا تائين اڻپوري جاچ ۽ عدالتي ڪارروائي سبب التوا جو شڪار آهن. حڪومت جي پنهنجي رڪارڊ مان به انصاف ۽ جوابدهي جي نظام ۾ ڪيترائي سنگين نقص ظاهر ٿين ٿا.
پنجاب ۾ اجتماعي زيادتين جي غيرمعمولي طور تي وڏي انگ ۾ داخل ٿيل ڪيسن کان وٺي خيبرپختونخوا ۾ ڊگهي عدالتي ڪارروائي تائين، اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڏوهه جو ڪيس داخل ٿيڻ انصاف حاصل ڪرڻ ڏانهن صرف پهريون قدم آهي، جڏهن ته متاثرن لاءِ حقيقي انصاف تائين پهچڻ جو سفر اڃا به ڊگهو ۽ غيريقيني آهي.
پاڪستان ۾ انسدادِ زيادتي (جاچ ۽ ٽرائل) ايڪٽ 2021ع جو بنيادي مقصد خاص عدالتن، بحرانن کي منهن ڏيڻ وارن مرڪزن، تربيت يافته جاچ آفيسرن ۽ تيز رفتار انصاف جو نظام قائم ڪرڻ هو. پر لڳ ڀڳ پنج سال گذرڻ باوجود وفاقي حڪومت هن نظام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. هن تحقيق ۾ شامل سمورا انگ اکر وزارتِ قانون ۽ انصاف پاڪستان جي سرڪاري رڪارڊ مان حاصل ڪيا ويا آهن.
2021ع کان 2026ع جي وچ تائين پنجاب ۾ جنسي زيادتي جا 42 هزار 568 ڪيس داخل ٿيا، جيڪي ملڪ ۾ داخل ٿيل مجموعي ڪيسن جو 89.7 سيڪڙو آهن. قومي سطح تي مجموعي ڪيسن مان اجتماعي زيادتي جي واقعن جو تناسب 62.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته انهن ڪيسن مان 99.2 سيڪڙو پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ اجتماعي زيادتي جا 29 هزار 555 ڪيس داخل ٿيا، جيڪي هڪ جوابدار پاران زيادتي جي 4 هزار 494 ڪيسن جي ڀيٽ ۾ 6.6 ڀيرا وڌيڪ آهن.
ان جي ابتڙ ٻين صوبن جي صورتحال مختلف آهي. سنڌ ۾ جنسي زيادتي جا هڪ هزار 510 واقعا رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 197، جڏهن ته بلوچستان ۾ اهڙن واقعن جو انگ صرف 177 رهيو.
پنجاب ۾ ٻارن سان زيادتي جا 8 هزار 154 ڪيس داخل ٿيا، جيڪي صوبي جي مجموعي ڪيسن جو 19.2 سيڪڙو آهن. صرف 2024ع ۾ ٻارن سان زيادتي جا هڪ هزار 916 واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن جو مطلب آهي ته روزانو سراسري طور پنجن کان وڌيڪ ٻار هن سنگين ڏوهه جو شڪار ٿيا.
2021ع کان 2026ع جي وچ تائين پنجاب ۾ پوليس حراست دوران جنسي زيادتي جا 214 واقعا رپورٽ ٿيا، جيڪي ملڪ ۾ اهڙن مجموعي واقعن جو 99.5 سيڪڙو آهن. بلوچستان واحد ٻيو صوبو آهي، جتي پوليس حراست دوران زيادتي جو صرف هڪ ڪيس داخل ٿيو. ان جي ابتڙ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ پوليس حراست دوران زيادتي جو ڪو به واقعو رپورٽ نه ٿيو.
پنجاب ۾ پوليس حراست دوران زيادتي جا ڪيس 2024ع ۾ وڌي 68 ٿي ويا، جڏهن ته 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ئي اهڙا 36 واقعا داخل ٿي چڪا آهن، جيڪو 2025ع جي سڄي سال ۾ داخل ٿيل 39 ڪيسن جي لڳ ڀڳ برابر آهي.
خيبرپختونخوا جي انگن اکرن جو جائزو وٺجي ته ٻارن سان زيادتي جا واقعا سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳا آهن. 2021ع کان 2026ع تائين صوبي ۾ داخل ٿيل 3 هزار 197 ڪيسن مان هڪ هزار 907 ڪيس، يعني 59.6 سيڪڙو، ٻارن خلاف جنسي زيادتي سان لاڳاپيل آهن. ٻارن سان زيادتي جا داخل ٿيل ڪيس 2021ع ۾ 270 هئا، جيڪي وڌي 2025ع ۾ 423 ٿي ويا. خيبرپختونخوا ۾ ٻارن سان زيادتي جا ڪيس سنڌ جي ڀيٽ ۾ 7.4 ڀيرا وڌيڪ آهن. ملاڪنڊ ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ عورتن خلاف تشدد جا اڪثر ڪيس نظامِ عدل ريگيوليشن 2009ع تحت قابلِ راضي نامو هئا، يعني انهن ڪيسن کي عدالت کان ٻاهر ڌرين وچ ۾ ٺاهه ذريعي ختم ڪري سگهجي پيو. لاڳاپيل ذريعن موجب، اهڙن اڪثر ڪيسن ۾ ٺاهه ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته علائقي جو قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو.
2021 کان 2026ع تائين جي انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ داخل ٿيل جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ سنڌ جو حصو صرف 3.2 سيڪڙو آهي. سنڌ جي صورتحال پنجاب کان بلڪل مختلف آهي. صوبي ۾ داخل ٿيل مجموعي هڪ هزار 510 ڪيسن مان 64.9 سيڪڙو ڪيس هڪ جوابدار پاران زيادتي، جڏهن ته 15 سيڪڙو اجتماعي زيادتي جا آهن.تنهن هوندي به سنڌ ۾ جنسي زيادتي جي واقعن جي رپورٽ ٿيڻ جو رجحان مسلسل وڌي رهيو آهي. 2022ع ۾ اهڙا 159 ڪيس داخل ٿيا هئا، جيڪي 2025ع ۾ وڌي 358 ٿي ويا. جڏهن ته 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ئي زيادتي جا 196 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. زيادتي کان پوءِ قتل جي واقعن ۾ سنڌ ۾ 46 ڪيس داخل ٿيا، پنجاب ۾ 151، خيبرپختونخوا ۾ 38، جڏهن ته بلوچستان ۾ اهڙو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو.
سنڌ ۾ جنسي زيادتي جي ڪيسن بابت سڀ کان اهم ۽ سنگين مسئلو جوابدارن جي گرفتاري آهي. موجود انگن اکرن موجب، صوبي ۾ لاڳاپيل ڪيسن جي سلسلي ۾ هڪ هزار 73 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 988 جوابدار اڃا تائين فرار آهن. ان جو مطلب آهي ته مجموعي جوابدارن مان لڳ ڀڳ 48 سيڪڙو قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهيا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ مفرور جوابدارن جو تناسب صرف 9 سيڪڙو آهي.اجتماعي زيادتي جي ڪيسن ۾ به سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. انهن ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 159 آهي، جڏهن ته 213 جوابدار اڃا تائين مفرور آهن. يعني اجتماعي زيادتي جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جي ڀيٽ ۾ فرار جوابدارن جو انگ وڌيڪ آهي.
سنڌ ۾ ڪيسن جي جاچ ۽ انهن کي عدالتن تائين پهچائڻ وارو عمل به ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور نظر اچي ٿو. صوبي ۾ داخل ٿيل مجموعي ڪيسن مان صرف 65.8 سيڪڙو ڪيس عدالتن تائين پهچي سگهن ٿا، جيڪا چئني صوبن ۾ سڀ کان گهٽ شرح آهي.ان کان علاوه سنڌ ۾ 295 ڪيس، يعني مجموعي ڪيسن جو 19.5 سيڪڙو، نه ته خارج ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي عدالتي ڪارروائي لاءِ موڪليا ويا آهن. ٻين لفظن ۾ اهي ڪيس جاچ ۽ عدالتي نظام جي وچ ۾ ڪٿي معلق ٿي رهجي ويا آهن.
سنڌ جي انگن اکرن ۾ هڪ ٻيو اهم مسئلو معلومات جي عدم موجودگي آهي. سرڪاري رڪارڊ ۾ سزا يافته جوابدارن، بري ٿيل جوابدارن ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن لاءِ الڳ ڪالم ته موجود آهن، پر انهن ۾ ڪو به انگ اکر درج ٿيل ناهي. اهي کانا ٻڙيءَ بدران مڪمل طور خالي آهن. ساڳيءَ طرح سنڌ جي سرڪاري ڊيٽا ۾ پوليس حراست دوران جنسي زيادتي جي واقعن لاءِ به ڪا الڳ درجي بندي موجود ناهي. پاڪستان ۾ انسدادِ زيادتي ايڪٽ 2021ع جو بنيادي مقصد متاثرن کي ترت انصاف فراهم ڪرڻ، جاچ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ڪيسن جي فيصلن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ هو. پر لڳ ڀڳ پنج سال گذرڻ باوجود سرڪاري انگ اکر هن قانون جي گهربل نتيجن جي نشاندهي نٿا ڪن. 47 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جو داخل ٿيڻ، جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪامي، جاچ جي مرحلن ۾ هزارين ڪيسن جو غيريقيني صورتحال ۾ رهڻ ۽ سنڌ جهڙي صوبي ۾ سزا، بريت ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ به موجود نه هجڻ، انصاف جي نظام جي ڪارڪردگيءَ تي انتهائي سنجيده سوال اٿاري ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سمورن صوبن ۾ هڪجهڙو، شفاف ۽ مڪمل ڊيٽا مرتب ڪن، جاچ ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائين، جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائين ۽ خاص عدالتن کي واقعي اثرائتو بڻائين. جنسي زيادتي جي متاثرن کي صرف ڪيس داخل ٿيڻ جي حد تائين نه، پر عملي طور انصاف فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ