ٺٽي پريس ڪلب ۾ ڏياري جو جشن ملهايو ويو، ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
دودو مل مهيشوري پاران ڏياري جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو تي دودومل مھيشوري طرفان سٿ جي ساٿين ۽ پيارن دوستن سان گڏ ڏياري,ديوالي جي خوشي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ڏياري جي خوشين کي ونڊڻ ۽ مذهبي هم آهنگي جي جذبي کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ رسم ڪيڪ ڪٽيو ويو تقريب ۾ سٿ جي صدر بلاول سمون، جنرل سيڪريٽري عمر سرائي، عبيد جماري، عدنان سمون، مختيار چانڊيو، علي اصغر سمون، علي اڪبر سمون ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي هن موقعي صدر بلاول سمون چيو ته ڏياري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ سان مذهبي رواداري ۽ اتحاد جو پيغام ملي ٿو اسان سڀني کي گڏجي خوشيون ملهائڻ سان گڏوگڏ هڪٻئي سان ڀائيچاري ۽ محبت کي فروغ ڏيڻ گهرجي جنرل سيڪريٽري عمر سرائي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ دوستن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سٿ هميشه پنهنجي هر فيسٽيول ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ ۾ يقين رکي ٿي