ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ چندي رام پاڙي جي ويران هنڌ تان نوجوان جي لاش هٿ

سنڌي خبرون 02nd Feb 2026 269 مناظر
عمرڪوٽ چندي رام پاڙي جي ويران هنڌ تان نوجوان جي لاش هٿ

علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي علائقي چندي رام پاڙي ۾ واقع هڪ ويران هنڌ تان هڪ نوجوان شخص جي لاش هٿ اچڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، لاش ڏسڻ بعد ٻارن فوراً پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ عبدالله شيخ جي نالي سان ٿي آهي، لاش کي سول اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جڏهن ته هن وقت تائين موت جي اصل سبب جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جانچ جاري آهي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪَ حقيقتون سامهون اينديون، پراسرار نموني لاش ملڻ واري هن واقعي علائقي واسين ۾ تشويش پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پوليس هر ممڪن زاويي کان معاملي جي جانچ پڙتال ڪري رهي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ